حيدرآباد پاران 6 ڊسمبر 2020ع تي سنڌ منهنجي جند جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏھاڙي جي آجيان

نيوسعيدآباد رپورٽ جبار عمراڻي روزاني آس حيدرآباد پاران 6 ڊسمبر 2020ع تي سنڌ منهنجي جند جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏھاڙي جي آجيان جي سلسلي ۾ نيوسعيدآباد ڀرسان ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا ۾ سيد غضنفر شاه جي درگاه تي سيد شاه زمان شاه جي ميزباني هيٺ مچ ڪچهري ۽ صوفي راڳ جي محفل ٿي.مچ ڪچھري ۾ ڪراچي جي نويد ميمڻ عادل ووهره وقاص سعيد عبدالمالڪ نياز علي منٺار فقير ڪاڪا اسلم فوجي اياز علي عبدالرزاق سيد مزمل شاه ۽ ٻين سگهڙن بيت ڏور ڳجهارتون مولود ثنا حمد منڪبت ٻڌائي واه وا ڪرائي ڇڏي.جڏھن ت رياض ڪيريو سڪندرسهتو عبدالجبار عمراڻي  نويد ڀٽي اسد الله ميمڻ امتياز ميمڻ مٺو خان کوسو فياض ڪيريو لياقت ڳاهوٺي عزيز ڪيريو طاهر ڪيريو عطاء الرحمان ۽ٻين خطاب ڪندي چيو ت اسان سڀ سنڌ جي ثقافت جا امين آھيون اسانجي وڏن سان گڏ اسانجو نوجوان نسل ب  پنهنجي ثقافت سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو.سنڌ جي ثقافت اجرڪ ٽوپي پٽڪو اسانجي سڃاڻپ آھي.هنن چيو ت جڏھن سنڌ ڌرتي ڌڻي اجرڪون ٽوپيون پٽڪا پهري  سنڌ جي گهٽ گهيڙ وستي واهڻ تي نڪري ايندا آھن ت ان وقت ڌرتي ماء پنهنجي پٽن ڌيئن تي رشڪ ڪندي آھي. هنن چيو ت سنڌي ميڊيا سنڌي ثقافت کي پروموٽ ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو آھي اسان سنڌي ميڊيا جا شڪر گذار آھيون جن سڀني سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏيو.هن گهٽ ۽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ هي ثقافتي سرگرميون ماڻھن ۾ جيئڻ جو اتساه پيدا ڪن ٿيون.ان موقعي تي ناميارن سنڌي راڳين محبوب شاه غلام فقير مڱڻھار سيد عباس علي شاه امجد فقير مڱڻھار ثمير علي شاه ۽ٻين ڀٽائي گهوٽ  مخدوم طالب الموليٰ سچل سرمست بلي شاه پير اعجاز شاه راشدي استاد بخاري شيخ اياز جي  شاعري ۾ ڪلام ٻڌائي محفل کي جهومائي ڇڏيو سنڌڙي تي سر ڪير ن ڏيندو ڪلام تي پورو پنڊال  جهمريون هڻندو  رهيو.ان موقعي تي وچن ڪيو ويو ت سڀ سنڌي گڏجي سنڌ جي سرزمين جي انچ انچ جي حفاظت سان گڏ سنڌ جي سڀني وسيلن جي مالڪي ڪندا.

Read Previous

پنوعاقل : ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينون تي قبضا مافيه خلاف آپريشن جاري

Read Next

نوابشاهه: معذور نوجوان پاران معذوري ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

Most Popular