پنوعاقل : ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينون تي قبضا مافيه خلاف آپريشن جاري

پنوعاقل ( رپورٽ فيصل حيات جهنڊير ) عدالت ۽ سنڌ حڪومت جي سخت هدايتون تي ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينون تي قبضا مافيه خلاف آپريشن ڪري سرڪاري زمينون سکر ريجن ۾ خالي ڪرائڻ جي حڪمن تي ٻيلي کاتي جي عملدارن سرگرميون آپريشن جو دائرو وصيع ڪري ڇڏيو پنوعاقل رينج جي ٻيلن جي زمينون تان قبضا هٽائڻ واري آپريشن شروع ڪرڻ بعد ڊي ايف او عابد حسين جتوئي، محمّد عارف جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حد جي پوليس اين ٽي انڪروجمنٽ، افارٽيشن، فورس سان گڏ ٻيلي کاتي جي فيلڊ مهيسرو رينج، کڏواري، عادلپور رينج واري ٻيلن ۾ به آپريشن شروع ڪيو ويو ٻيلي کاتي جي عملدارن اسٽاف، ۽ فورس ڪرين مشين، ٽريڪٽرن وغيرھ جي مدد سان عادلپور، مهيسرو رينج، کڏواري، پنوعاقل، ۾ به ڪرين مشينون هلائي، قبضا مافيه جا سوين ايڪڙ سرڪاري ٻيلن واري زمينون تي قبضا مافيه جا ڪڻڪ سميت مختلف قسمن جا فصل پٽ ڪري وڌيڪ زمينون خالي ڪرائي اتي ٻاٻري، ٻٻر وغيرھ ٻيجارو ڇٽرايو ويو مليل اطلاعن موجب ڪجھ قبضا مافيه بااثر ماڻهن ان موقعي تي مذاهمت جي ڪوشش ڪئي ته ٻيلي کاتي جي فورس پوليس انهن کي گوپور، صدوجا، مهيسرو، گيمڙو، پوليس پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، ڊي ايف او عابد حسين جتوئي، محمد عارف جاگيراڻي ڳالهائيندي ٻڌايو ته سڄي سکر رينج جي قبضن هيٺ آيل ڪچي پڪي جي ٻيلن جي زمينون تان قبضا خالي ڪرايا وڃن پيا انهن قبضاگيرن کي اڳ ۾ نوٽيس وغيرھ ڏنا ويا هئا جيڪو به قبضاگير قبضا خالي نه ڪندو ته ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي اسين عدالت ۽ حڪومت جي هدايتون تي اهي سب قبضا خالي ڪرائي سنڌ جي سونهن جي علامت جي سڄاڻپ رکندڙ ٻيلا ٻيهر آباد ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي

Read Previous

خيرپور : ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻٻرلوءِ کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Read Next

حيدرآباد پاران 6 ڊسمبر 2020ع تي سنڌ منهنجي جند جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏھاڙي جي آجيان

Most Popular