دادو: جوهي ٿاڻي جي حد D3 شاخ وٽ پيرسن شخص جو 3 ڏينهن پراڻو لاش ھٿ آيو آھي

دادو(ڊ ر)جوهي ٿاڻي جي حد D3 شاخ وٽ پيرسن شخص جو 3 ڏينهن پراڻو لاش ھٿ آيو آھي, ڳوٺاڻن پاران لاش متعلق جوهي ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال جوهي پهچايو ويو, فوتي جي ڪپڙن مان مليل شناختي ڪارڊ مان سندس سڃاڻپ جوهي ويجهو ڳوٺ بچل لغاري جي رهواسي احمد ولد حاجي خان لغاري طور ٿي آهي پوليس کي واقعي واري هنڌ تان لاڪ ٿيل موٽرسائيڪل پڻ هٿ آئي آهي پوليس موجب فوتي جي جسم تي ڪٿي به ڌڪ جا نشان موجود ناهن, سندس چهرو جانور پٽي ويا, پوليس لاش پوسٽ مارٽم کان پوءِ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.وارثن موجب واقعو ڳجھارت بڻيل آھي.

Read Previous

کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ نڪتل سنڌ سڀا جو پيادل مارچ نوابشاهه پھچڻ بعد 12ڪلاڪ ڌرڻو هنيو

Read Next

ڪشمور پوليس پاران سومرا برادري جا ماڻهو کنڀي کڻي گم ڪرڻ وارثن جو احتجاج

Most Popular