ڪشمور پوليس پاران سومرا برادري جا ماڻهو کنڀي کڻي گم ڪرڻ وارثن جو احتجاج

ڪشمور (رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) ڪشمور پوليس پاران سومرا برادري جا ماڻهو کنڀي کڻي گم ڪرڻ وارثن جو احتجاج اسان جي ماڻهن تي ڪيس داخل آهي ته ظاهر ڪيو وڃي عامر سومرو استاد الله رکيو سومرو جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب ڪشمور پوليس پاران سومرا برادري جا ماڻهو کنڀي کڻي گم ڪرڻ تي سومرا برادري جي ماڻهن ء وارثن جو احتجاجي مظاهرو ڪندي اڳواڻن استاد الله رکيو سومرو عامر سومرو ولي محمد ء ٻين چيو ته ڪشمور پوليس اسان جا ناحق نوجوان کڻي گم ڪيا ويا آهن ء مڃڻ لاء پڻ تيار ناهي پوليس جي وڏي نفري سان ڊي ايس پي جي نگراني م ڪاھ ڪري اسان جي ڪيڊٽ ڪاليج جي نوجوان ء سندس والد کي مسجد مان گرفتار ڪيو ويو آهي ھن وڌيڪ چيو ته اسان جي ماڻهن مٿان اگر ڪو به ڪيس داخل آهي ته ظاهر ڪيو وڃي ڪشمور پوليس مڃڻ کان به انڪاري آهي ھنن ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته هو واقعي جو نوٽس وٺي جاچ ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

Read Previous

دادو: جوهي ٿاڻي جي حد D3 شاخ وٽ پيرسن شخص جو 3 ڏينهن پراڻو لاش ھٿ آيو آھي

Read Next

ڪشمور ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي مستحق ماڻهن ۾ احساس پروگرام تحت امدادي رقم ورهائڻ لاءِ قائم ڪيل سينٽرن جو دورو

Most Popular