ڪشمور ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي مستحق ماڻهن ۾ احساس پروگرام تحت امدادي رقم ورهائڻ لاءِ قائم ڪيل سينٽرن جو دورو

ڪشمور ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي مستحق ماڻهن ۾ احساس پروگرام تحت امدادي رقم ورهائڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ گڊو اندر قائم ڪيل سينٽرن جو دوروڪري انتظامن جو جائزو ورتو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سينٽر جي انچارج ۽ مقرر ڪيل عملي کي هدايتون ڏيندي چيو ته سينٽرن تي ايندڙ مستحق ماڻهن لاء قاعدن ۽ قانون تي عمل کي يقيني بنائن ,رش نه ڪئي وڃي, ڇھ فٽ جو فاصلو رکجي. ڪرونا وائرس کان بچاءِ لاءِ ڏسيل احتياطي تدبيرن تي مڪمل عمل ڪيو وڃي جڏهن ته امدادي رقم وصول ڪندڙ ماڻهن ۾ سماجي فاصلو برقرار رکڻ سان گڏ هٿ ڌوئڻ، پئيڻ جي صاف پاڻي سميت بنيادي ضرورتن جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي هن کين اھا پڻ هدايت ڪئي ته رش کان بچڻ ۽ مستحق ماڻهن ۾ وقت سر امدادي رقم ورهائڻ لاءِ سينٽرن تي عملي جي موجودگي ۽ ڪيش جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر مستحق ماڻهن کان سنٽر عملي جي روئي ۽ ٻين مسئلن بابت معلومات ورتي جڏهن ته وڌيڪ ڪٽوتي ڪندڙ عملي کي پوليس حوالي ڪيو ويو ان موقعي عوام کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به قسم جي ڪٽوتي ڪئي وڃي ته ان حوالي سان انتظاميه سان رابطو ڪيو وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ منور علي مٺياڻي اسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيار ڪارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ احساس پروگرام سينٽرن تي اچانڪ دورا ڪن ۽ اضافي رقم وٺندڙن خلاف ڪاروائي ڪن.

Read Previous

ڪشمور پوليس پاران سومرا برادري جا ماڻهو کنڀي کڻي گم ڪرڻ وارثن جو احتجاج

Read Next

سجاول: پوري دنيا وانگر سجاول ۾ به سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙو وڏي خوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

Most Popular