سجاول: پوري دنيا وانگر سجاول ۾ به سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙو وڏي خوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)پوري دنيا وانگر سجاول ۾ به سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙو وڏي خوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو تفيصل موجب سجاول ۾ قومي ڏينھن 6 ڊسمبر طور سجاول ۾ ملھايو ويو.سجاول پريس ڪلب کان مک ريلي نڪتي جيڪا شھر جو گشت ڪندي پبلڪ پارڪ تي پھتي ريلي ۾ جئي سنڌ قومي معاذ جو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،سرويچ ايڪڊمي جي چئرمين سورج سجاولي،ھنڌو پنچائت جو ماڌو داس،پ ٽ الف جو موسي لغاري،عمر ميمڻ،صحافي سيف الله جوڻيجو، گلشيرملاح،عتيق الرحمان ۽ ٻين ريلي ۾ سوين ماڻھن جي قافلي سان پھتا.

ريلي پبلڪ پارڪ تي پھچڻ کانپوء جلسي جو رک اختيار ڪري وئي.ثقافتي مک تقريب سجاول پريس ڪلب پهتيون جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان سڀ سنڌي قومي ڏهاڙو گڏ ملهائي رهيا آھيون

سنڌ جي ٻيٽن تي ڪڏهن به ڌارين کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين سنڌ اسان جي جند ۽ ماء آھي آخري پسا تائين اسين حفاظت ڪنداسين رھنداسين.سنڌي ميڊيا جا شڪار گذار آھيون جن اسان کي ثقافتي ڏيھاريو ڏنو آھي.

Read Previous

ڪشمور ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي مستحق ماڻهن ۾ احساس پروگرام تحت امدادي رقم ورهائڻ لاءِ قائم ڪيل سينٽرن جو دورو

Read Next

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ثقافتي ڏهاڙو عيد جيان ملهايو پيو وڃي

Most Popular