عدالتن ۾ وڃون ٿا ته جج کلن ٿا ، ادارا چون ٿا ته کنڀي گم ڪيل اسان وٽ نه آهن ته پوءآخر ڪنهن کان پڇون ؟

سڪرنڊ ( رپورٽر)عدالتن ۾ وڃون ٿا ته جج کلن ٿا ، ادارا چون ٿا ته کنڀي گم ڪيل اسان وٽ نه آهن ته پوءآخر ڪنهن کان پڇون ؟ اهڙو اظهار سنڌ سڀا جي چيئرمين انعام عباسي سڪرنڊ پريس ڪلب اڳيان خطاب ڪندي ڪيو . هن چيو ته 80 سيڪڙو بجيٽ رياستي ادرارن تي خرچ ٿئي ٿي ، جيڪي ملڪ ۽ قوم جي حفاظت تي معمور آهن مگر پوء به سنڌ مان ماڻھو گم ڪيئن ٿا ٿين ؟ . سنڌ هن ملڪ کي اپت ڏئي ٿي ، ٿر جو ڪوئلو ان جي بجلي ۽ گئس جو فائدو پنجاب کي ڏنو ٿو وڃي ، ملڪ سڀني سياستدانن ٺاهيو مالڪ ٻيا ٿيا . اسان سختيون سهون پيا ڪڏھن اسان تي مذھبي جماعتن طرفان تشدد ڪرايو ٿو وڃي ، ڪڏھن اسان جون ڪئمپون پٽي سامان اڇلايو ٿو وڃي . اسان 27 ڏينهن کان پنڌ ۾ آهيون ۽ اسان کي اڃا 1200 ڪلوميٽر اڳتي وڃڻو آهي انلاء اسان پاڻ سان گڏ خيما ۽ ٻيو ضروري سامان گڏ کنيو آهي . هن چيو ته اسان جو احتجاج کنڀي گم ڪيلن جي آزاديءَ تائين جاري رهندو . ساڻس گڏ گم ڪيلن جا وارث جن ۾ هاني بلوچ ، نور باگڙي ، شاريا چانڊيو ، رزاق عباسي ۽ ٻيا گڏ هئا . ان کان اڳ سڪرنڊ پهچڻ تي جسقم اڳواڻ مسعود شاه ، غلام علي ڪيريو ، مورڙو مير بحر ۽ موجن زئونر پنهنجن ساٿين سميت سندن گلن جي گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو.

Read Previous

نوابشاهه جا روڊ رستا آسماني چنڊ ۽ ستارن سان جرڪي پيا سنڌ جا شهزاده ڪُلهن تي اجرڪون اوڍي ٽوپيون ۽ پٽڪا پهري نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ڌرتي ماءُ کي نوڙي سيس نوائي سلام پيش

Read Next

ڄوڪي نفسا نفسي واري دور ۾ جتي ماڻھو صرف پنهنجن مفادن يا پريشانين ۾ هجن اتي جيڪڏھن ڪو مخلص ماڻھو پيدا ٿي پوي ته اهو ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي ان ڪري اسين سمجهون ٿا

Most Popular