نوابشاهه جا روڊ رستا آسماني چنڊ ۽ ستارن سان جرڪي پيا سنڌ جا شهزاده ڪُلهن تي اجرڪون اوڍي ٽوپيون ۽ پٽڪا پهري نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ڌرتي ماءُ کي نوڙي سيس نوائي سلام پيش

نوابشاهه( رپورٽ:دانش حیدر) ڀٽائي جي بيتن جهڙي سنڌ سميت نوابشاهه جا روڊ رستا آسماني چنڊ ۽ ستارن سان جرڪي پيا سنڌ جا شهزاده ڪُلهن تي اجرڪون اوڍي ٽوپيون ۽ پٽڪا پهري نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ڌرتي ماءُ کي نوڙي سيس نوائي سلام پيش ڪرڻ لاءِ پرهه ڦٽي کان سانجهي تائين روشني تي پاڻ واريندڙ پتنگن جيان پهچندا رهيا قومي گيتن تي نوجوانن جون زبردست جهمريون نوابشاهه پريس ڪلب جي صحافين، شاعرن پڻ مقامي راڳين جي ٻولن تي زبردست رقص پيش ڪيو گلن جهڙن ٻارڙن به سنڌ امڙ سان محبت جا وچن ورجايا سڄو ڏينهن عيد جو سماء رهيو خبر موجب ثقافتي عيد جي خوبصورت ڏهاڙي تي نوابشاهه پريس ڪلب تي سموري نوابشاهه شهر جي مختلف تنظيمن، برادرين، سياسي پارٽين ۽ شهرين ثقافتي رنگن ۾ رنگجي اڄوڪي ايڪتا عيد ڏهاڙي کي چار چنڊ لڳائي پنهنجي قوميت توڙي ڀرپور عشق جو ثبوت پيش ڪيو آهي ان حوالي سان پريس ڪلب آڏو مُک تقريب ۾ شهر جي ننڍن وڏن پوڙن پڪن، نوجوانن ۽ معصوم ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري اڄوڪي ڏينهن کي شاندار نموني يادگار بڻايو آهي خاص طور تي حق صوفي زام ورلڊ جي چيئرمين فقير جي ايم ڏاهري جي ميخاني مان هڪ خوبصورت ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ صوفي فقيرن مشتاق ڪُرد، تاج مري، امتياز خاصخيلي، فقير آچر، فقير حسين ۽ ٻين گيڙون ويس پائي پيرن ڇير ٻڌي سُنگ ۾ نچي ڳائي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو، جڏهن ته هر سال جيان هيل به سڀ کان وڏي ريلي جسقم پاران جي ايم سيد چوڪ کان ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، امتياز لاکو، ناصر شاهه، منير ابڙو، گل ڏاهري ۽ نور محمد سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي جيڪا شهر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب آڏو مُک تقريب ۾ شامل ٿيا ۽ پريس ڪلب آڏو قومي گيتن تي رقص ڪري ڌرتي ماءُ سان محبت جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پهريون ڀيرو نوابشاهه پريس ڪلب جي صحافين مقامي شاعر، اديبن پڻ مقامي فنڪارن سان گڏجي هڪ زبردست ريلي ڪڍي ريلي ۾ پريس ڪلب صدر ذوالفقار خاصخيلي، فياض چنڊ ڪليري، تاج رند، صالح بلو، اڪرم چانڊيو، اياز ڏاهري، مُشرف ڀٽي، عامر وهاب صديقي، حاجي عبدالله ڀٽي، اسد شاهه بخاري، وحيد کوسو، رحيم لاشاري، سلامت گپچاڻي، مقبول گپچاڻي، نامياري شاعر عنايت بروهي ۽ ٻين زبردست ريلي ڪڍي ۽ انهن مقامي فنڪارن عنايت خاصخيلي ۽ فقير سيلاني چانڊيو جي ڳايل هو جمالو تي زبردست جهمريون هنيون ۽ ڌرتي ماءُ کي سيس نوائي سلام پيش ڪيو، پيپلزپارٽي شهيد بينظير آباد پاران پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، حاجي عظيم مغل، عاشق حسين زرداري، عبدالرسول بروهي جي اڳواڻي ۾ خوبصورت ريلي ڪڍي وئي، سنڌ ترقي پسند پارٽي اطهر شاهه ۽ انيلا رفيق ملاح جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ايس يو پي پاران گل حسن رند، دادن جوکيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پي ٽي آئي پاران حيدرآباد مان آيل انيسا صديقي، امام دين ڪيريو مُک تقريب ۾ شامل ٿيا انهي کانسواءِ پي ٽي آئي جي هڪ ٻي وڏي ريلي عنايت رند، فياض قريشي، انور چانڊيو جي اڳواڻي ۾ انصاف هائوس کان ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته انصاري برادري پاران سائين بخش انصاري، غوث بخش انصاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، خاصخيلي، برادري پاران غلام نبي خاصخيلي ۽ ايان علي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مغيري برادري پاران رفيق مغيري، سلمان مغيري، اسحاق مغيري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، حبيب الله ڪُرد مان عامر ڪُرد، حبيب الله، سڪندر ڪُرد ۽ خادم سنڌي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڀٽي برادري پاران معروف حسين ڀٽي، مسعود ڀٽي پاران شاندار ريلي ڪڍي وئي، ڀنگوار برادري پاران امجد ڀنگوار، حاڪم ڀنگوار ۽ ياصر ڀنگوار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سنڌ فنڪار ويلفئير ايسو سي ايشن پاران علي حيدر ڀٽي، عارف بلوچ، وسيم مشتاق، امتياز ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، بروهي برادري پاران قادر بخش بروهي، امتياز پرڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، دوست اتحاد پاران يونيورسٽي ڪالوني مان ماجد ڪيريو، شمس مينگل، خالد زهري، مجيد مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، شاهه لطيف گروپ ڪيوسٽ مان مشتاق چانڊيو، الهه ورايو چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سومرو اتحاد پاران جاويد اختر سومرو، عابد حسين سومرو ۽ آصف سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جمالي برادري پاران ظهور جمالي، ساگر جمالي، تنوير جمالي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ايل بي او ڊي ڊرينيج ڊويزن شهيد بينظير آباد پاران صدر عبدالواحد جمالي، صدام مغيري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، هاري ويلفيئر ايسو سي ايشن پاران اڪرم خاصخيلي، ياسين خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، زرداري برادري پاران غلام رسول زرداري، وحيد زرداري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، کوسو برادري پاران عبدالقدوس کوسو ۽ شاهنواز کوسو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، رند برادري پاران لياقت رند، نياز رند ۽ اظهر علي رند جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، دولت ڪالوني مان ڪاشف ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ثقافتي لباس پهريل ٻارڙن جي هڪ ريلي پڻ مُک تقريب ۾ شرڪت ڪئي، نوابشاهه جي مشهور سياسي سماجي اڳواڻ عرفان گل رند جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شامل نوجوانن کي پٽڪا ٽوپيون ۽ اجرڪ پهرل هُيا جن پريس ڪلب آڏو سنڌي گيتن تي جهمريون پائي رقص ڪيو، سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران اسد کوسو ۽ اظهر راڄپر پريس ڪلب آڏو ثقافتي اسٽال قائم ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪتابن کانسواءِ ثقافتي گيلري پڻ قائم ٿيل هئي جنهن ۾ لطيف جو ساز تنبورو، ڏاند گاڏي جو ماڊل، سنڌ جو نقشو ۽ ٻيون ثقافتي شيون سجايون ويون هُيون، ڳوٺ محمد خان چانڊيو مان خوبصورت ثقافتي لباس اوڍيل نوجوان ۽ ٻارڙن تي مشتمل هڪ ريلي نوابشاهه پريس ڪلب جي مُک تقريب ۾ پهتي جنهن جي اڳواڻي قادر بخش چانڊيو، فراز منصور ۽ حسن چانڊيو ڪري رهيا هئا نوابشاهه جي باشعور نوجوانن پاران جوڙيل سنگت اتحاد پاران به هڪ شاندار ريلي وهاب جُهلڻ، مظهر رند، ماجد عباسي ۽ حمير ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي جنهن ۾ اڪثر نوجوانن کي بوسڪي جا پٽڪا پهريل هئا انهي کان علاوه مختلف سياسي سماجي، ڪاروباري، علمي، ادبي تنظمين کانسواءِ ڳوٺن کان آيل ننڍيون وڏيون ريليون پڻ مُک تقريب ۾ شامل ٿيون صبح کان شام تائين پريس ڪلب روڊ سنڌي ٽوپين ۽ اجرڪن سان جرڪندو رهيو. ۽ ايڪتا جي عيد ڀرپور نموني سان ملهائي وئي. نوابشاهه پريس ڪلب پاران ثقافتي ريليون ڪڍي ايندڙن جي اسٽيج تان آجيان ڪندا رهيا ۽ گُل نڇاور ڪندا رهيا. جڏهن ته ٻئي طرف ايس ٽي پي ناري تحريڪ پاران انيلا رفيق ملاح جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي انيلا رفيق ملاح چيو ته ايس ٽي پي جي اڳواڻن نثار ڪيريو، رفيق ملاح سميت 7 ڄڻن کي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو آهي هن چيو ته سنڌ دشمنن جي اها سازش آهي ته سنڌ جي شعور ۽ قومي آواز کي ڪُچليو وڃي پر جيسين سنڌ جا سرويچ سپوت زنده آهن ڪنهن کي به ڌرتي ماءُ ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ نه ڏنو ويندو

Read Previous

قاضي احمد : ايڪتا قومي عيد ملهائڻ واري ڏھاڙي تي سموري سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن وانگر قاضي احمد ۾ به ايڪتا ريليز نڪتيون آهن

Read Next

عدالتن ۾ وڃون ٿا ته جج کلن ٿا ، ادارا چون ٿا ته کنڀي گم ڪيل اسان وٽ نه آهن ته پوءآخر ڪنهن کان پڇون ؟

Most Popular