ڄوڪي نفسا نفسي واري دور ۾ جتي ماڻھو صرف پنهنجن مفادن يا پريشانين ۾ هجن اتي جيڪڏھن ڪو مخلص ماڻھو پيدا ٿي پوي ته اهو ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي ان ڪري اسين سمجهون ٿا

سڪرنڊ ( رپورٽ ) اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ۽ ھمدرد آرگنائيزيشن جي بانيڪار گل محمد رند چيو آهي ته اڄوڪي نفسا نفسي واري دور ۾ جتي ماڻھو صرف پنهنجن مفادن يا پريشانين ۾ هجن اتي جيڪڏھن ڪو مخلص ماڻھو پيدا ٿي پوي ته اهو ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي ان ڪري اسين سمجهون ٿا ته اسان کي به مخلص دوست رضا محمد سيال جي صورت ۾ مليو آهي هُو همدرد هائوس سڪرنڊ تي سينئر صحافي رضا محمد سيال کي همدرد جي گورننگ باڊي جو ميمبر ٿيڻ ۽ سندس جنم ڏينهن جي حوالي سان کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ وقت ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته همدرد جي ٽيم خدمت خلق ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن ۾ رضا محمد سيال جو شامل ٿيڻ بهترين عمل آهي سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر محمد صديق منگيو چيو ته رضا محمد سيال ڪميٽيڊ ماڻھو آهي سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ 30 صحافي آهن جنهن۾ متحرڪ چند صحافي آهن انهن متحرڪ صحافين ۾ رضا محمد سيال جو مک ڪردار آهي جيڪو پنهنجي عمر کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيو آهي ان کان اڳ همدرد آرگنائيزيشن جي معاون حسام رند پاران آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪئي وئي. رضا محمد سيال ڳالهائيندي چيو ته مان شڪر گذار آهيان همدرد جي ٽيم خاص ڪري گل محمد رند جو جنهن مونتي اعتماد ڪري بورڊ جو ميمبر بنايو آهي ڪوشش ڪندس ته سندن اعتماد تي پورو لهان ان موقعي تي همدرد سپورٽ پروگرام جي چيئرمين قاضي جاويد سنائي ، ميڊيا سينٽر جي صدر قربان علي عمراڻي ، سڪرنڊ پريس ڪلب جي قادر بخش رند، ڪنور ظفر پڻ خطاب ڪيو پروگرام ۾ امير گل رند ، اقبال رند ، راجڪمار اوڏ ، ڪامل رند ، راشد کهڙو ، پرائيم ميڊيا هائوس جي سربراھ شبير احمد راجپوت ، منير احمد ڀٽي ، ڪاشف رضا سيال، گل سنڏي ، ڌڻي بخش مگسي ۽ ٻيا موجود هئا .

Read Previous

عدالتن ۾ وڃون ٿا ته جج کلن ٿا ، ادارا چون ٿا ته کنڀي گم ڪيل اسان وٽ نه آهن ته پوءآخر ڪنهن کان پڇون ؟

Read Next

سنڌ جي ٻين شھرن جيان سکر ۾ به سنڌي ثقافت جو ڏينهن جوش جزبي سان ملهايو ويو صبح ٿينديئي مختلف برادرين سميت سياسي۔سماجي ۔واپاري تنظيمن ۽قوم پرست جمائتن طرفان ريليون ڪڍي

Most Popular