سنڌ هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ صوبو آهي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت ر دنيا جي شاهوڪار ثقافت آهي : وائيس چيئرمين نور احمد لاکو

سڪرنڊ ( رپورٽ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳوڻي وائيس چيئرمين نور احمد لاکو چيو آهي ته سنڌ هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ صوبو آهي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت ر دنيا جي شاهوڪار ثقافت آهي هُو قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي ثقافت جا حوالي سان ٿيل ريلي ۽ صوفياڻي راڳ رنگ ۾ ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته سنڌي ثقافت ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ کانسواءِ سهپ ، روادري ، مهمان نوازي ۽ ٻين کي ڪم اچڻ به آهي سلام آهي سنڌي ميڊيا کي جنهن اسان جي ماٺار ۾ پيل ثقافت کي ٻيهر سجاڳ ڪيو پر اسان کي پنهنجي تهذيب هن ڏھاڙي کانسواءِ سڄو سال ملهائڻ گهرجي ان موقعي تي ايس ايڇ او اصغر اعواڻ ، مقبول احمد مگسي ، رئيس تاج محمد مگسي ، غلام حيدر سولنگي ، سيد رياض حسين شاھ ، صدرالدين ڪيريو ، ڊاڪٽر غلام رسول ڪيريو ، لياقت علي مگسي ، مراد علي ملاح . استاد عمر عمراڻي ، عبدالطيف ملاح پڻ موجود هئا

Read Previous

ضلعي مٽياري ۾ست ( 7) ڊسمبر تي ووٽرن جو ڏينهن ملايو ويو

Read Next

خيرپور جي لقمان پاڙي جي رهواسي علي مردان لنجواڻي گهر واري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي عدم گرفتاري خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي

Most Popular