ضلعي مٽياري ۾ست ( 7) ڊسمبر تي ووٽرن جو ڏينهن ملايو ويو

مٽياري : ضلعي مٽياري ۾ست( 7) ڊسمبر تي ووٽرن جو ڏينهن ملايو ويو جنهن اجلاس جي صدارت ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شاهنواز بروهي ڪئي .ڊسٽرڪٽ ووٽرز ايجوڪيشن ڪميٽي جي ميمبرن ، مٽياري ۽سماجي ورڪرن ،غيرسرڪاري تنظيمن جي نمائيندن ۽ خواتين ڪارڪن بـ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي .مٽياري ڊسرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شاهنوازبروهي ٻدايو تـ ملڪ جي انتخابي عمل ۾ حصووٺڻ سان گڊ گورنس ملندا آهن .ووٽ هڪ بادشاهت ۽ جهموريت ۾ فرق ظاهر ڪري ٿو .جهموريت رياستي ادارن کي مظبوط ڪرڻ ، ميڊيا جي آزادي ، عورتن کي بااختيار بنائڻ، تقرير جي آزادي ۽ ڪنهن بـ ملڪ جي شهري کي بنيادي حقن کي بااختيار بنائي ٿو .ووٽ هر شهري جوبنيادي حق آهي .انهن کي اهو ووٽ ملڪ جي تقدير بدلائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، انتخابات ۾ ووٽرن جو گهڻو حصو پاڪساني جهموريت کي مستحڪم ڪري ٿو .انتخابات جي ڏينهن عوام کي پنهنجو ووٽ ڏيڻ گهرجي .انهن وڌيڪ ٻدايو تـ عورتون کي اليڪشن حصو وٺڻ، پنهنجي ذريعي معاشري ، معاشي ۽ سياسي حق حاصل ڪرڻ گهرجن ، انهن کي نادرا مان پنهنجو CNICs داخلا ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان ووٽ جي داخلا ۾ دلچسپي ظاهر ڪرڻي پوندي .ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نادرا جي مطابق عورتن جي CNICs جي رجسٽريشن وڌائڻ ۽ ووٽ جي داخلا کي يقيني بنائڻ ،هڪ مهم جو آعاز ڪن .هن وڌيڪ چيو تـ ضلعي ميٽاري جي اليڪشن ڪمشنر آفيس ۾ غير مسلم ۽ ٻين آسپاس جي گروپن جي ووٽرن رجسٽريشن وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي .ان ۾ عورتن ڪارڪن جي مدد جي ضرورت پوندي .ان ڪم جي رابطي لاءِ اليڪشن ڪمشنر پنهنجي آفيس نمبر 022–2760038 پڻ ڏنو.

Read Previous

سانگهڙ شھر ۾ ڪتا مار مھم انتظاميان جي غفلت جي انتھا ھڪ معصوم نياڻي زندگي وڃائي وٺي ۽ سندس امڙ سيرس حالت اسپتال ۾ داخل

Read Next

سنڌ هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ صوبو آهي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت ر دنيا جي شاهوڪار ثقافت آهي : وائيس چيئرمين نور احمد لاکو

Most Popular