اليڪشن ڪمشنر سانگھڙ نعيم الرحمان جلباني چيو آهي آهي ووٽ جو استعمال ھر، پاڪستاني جو قومي فرض آهي

سانگھڙ ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) اليڪشن ڪمشنر سانگھڙ نعيم الرحمان جلباني چيو آهي آهي ووٽ جو استعمال ھر . پاڪستاني جو قومي فرض آهي انھي لا۽ ھر ھڪ شھري خاص طور تي عورتن گهر جي ته پنهنجي ووٽ اندارج ڪرائين ۽ ملڪي ترقي ۾ پنھنجو حصو ملائين ـ ووٽ جو اندراج اليڪشن ڪميشن انتھاي آسان بڻايو آهي صرف فارم پر ڪري جمع ڪرايو ته توهان جو ووٽ جو اندراج ڪيو ويندوـ اھڙن خيالن جو اظهار انهن سندس آفس ۾ قومي ووٽرز ڊي جي حوالي سان منعقد گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيوـ انھي موقع تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 1سانگھڙ عبدالغفار سومرو چيو ته ملڪي ترقي ۽ جمعوري تسلسل لا۽ ووٽ جو استعمال انتھائي ضروري آهي 18 سال کان وڌيڪ عمر جي ھر فرد مرد توڙي عورت کي ووٽ جو استعمال قومي فرض سمجهي استعمال ڪرڻ گهر جي ـ ووٽ جي درست استعمال سان اسان پنهنجي ملڪ کي ترقي يافته ملڪن جي فھرست ۾ شامل ڪري سگھون ٿاـ انھي موقعي تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر سانگھڙ ڊاڪٽر وشنو مل ـ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر امتياز جوڻيجو ـ سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ صحافي پڻ موجود ھئا جنهن ووٽ جي اھميت ۽ افاديت تي روشني وڌي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريو

Read Previous

دادو: شھر نئون ڳوٺ ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جي تعميراتي ڪم ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي خلاف نوجوان اتحاد جو احتجاج

Read Next

راڻيپور ڀرسان گڏيجي ۾ قائم ڪيل احساس ڪفالت پروگرام سينٽر ۾ غريب مستحق عورتن جي پيئسن مان ڪٽوتي،ڪرونا وائرس ايس او پيز جي خلاف ورزي،انتظاميہ غائب

Most Popular