راڻيپور ڀرسان گڏيجي ۾ قائم ڪيل احساس ڪفالت پروگرام سينٽر ۾ غريب مستحق عورتن جي پيئسن مان ڪٽوتي،ڪرونا وائرس ايس او پيز جي خلاف ورزي،انتظاميہ غائب

راڻيپور(رپورٽ) راڻيپور ڀرسان گڏيجي ۾ قائم ڪيل احساس ڪفالت پروگرام سينٽر ۾ غريب مستحق عورتن جي پيئسن مان ڪٽوتي،ڪرونا وائرس ايس او پيز جي خلاف ورزي،انتظاميہ غائب ۔تفصيل موجب راڻيپور ڀرسان هاءِ اسڪول گڏيجي ۾ قائم ڪيل احساس ڪفالت سينٽر ۾ حڪومت پاڪستان طرفان غريب مستحق عورتن جي لاءِ آيل پيئسن مان ڪٽوتي ڪئي وئي احساس ڪفالت سينٽر گڏيجي ۾ ڊوائيز مافيا سرگرم ٿي ويا في عورت کان 500،1000 جي ڪٽوتي ڪرڻ لڳا عورتن جا مٿي تي هٿ۔جڏهن تہ حڪومت پاڪستان جي طرفان غريب مستحق عورتن جا پئسا 12 هزار مقرر ڪيا ويا آهن۔عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هتان جا ڊوائيز هولڊر في عورت کان 500،1000 جي ڪٽوتي ڪن ٿا انهن وڌيڪ چيو ته اسان پري پري کان پيئسن وٺڻ جي لاءِ سينٽر تي اچون ٿا پر هتي احساس ڪفالت جا ايجنٽ سفارش تي پيئسن ڏين ٿا جيڪي عورتون 500 کان 1000 ڏين ٿا انهن کي جلدي پيئسا ڏنا وڃن ٿا باقي عورتن کي دربدر ذليل ۽ خوار ڪيو پيو وڃي عورتن ڊي سي خيرپور،اسسٽنٽ مختيارڪار صوڀوديرو ۽ اعليٰ اختيارن کان گهر ڪئي آهي تہ اسان غريبن جي ڪٽوتي ڪرڻ وارن ايجنٽن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.جڏهن تہ سوشل ميڊيا تي عورتن جي پيئسن مان ڪٽوتي واري خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ انتظاميہ حرڪت ۾ اچي وئي اسسٽنٽ مختيارڪار صوڀوديرو راشد شاهنواز راڄپر پوليس عملو ساڻ ڪري سينٽر جو دورو ڪيو ۽ ڊوائيز هلائيندڙ ايجنٽن کي سختيءَ سان پاپند ڪيو ته ڪنهن به قسم جي ڪٽوتي ناقابل برداشت هوندي ڪٽوتي ڪرڻ وارن جي خلاف ايف آءِ آر ڪٽي ويندي ۽ انهن جي خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي۔ جڏهن تہ احساس ڪفالت پروگرام سينٽر گڏيجي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ پوليس انتظاميہ جي حولي سان ڪوبه پوليس آفيسر موجود نظر نه آيو ٻئي طرف ڪرونا وائرس ايس او پيز جي حوالي سينٽر ۾ ڪوبہ اپاءَ نه ورتو ويو۔

Read Previous

اليڪشن ڪمشنر سانگھڙ نعيم الرحمان جلباني چيو آهي آهي ووٽ جو استعمال ھر، پاڪستاني جو قومي فرض آهي

Read Next

تلھار ۾ بي آئي ايس پي احساس ڪفالت طرفان مستحق عورتن کي جاري وضيفو ٿيڻ جي باوجود احساس سينٽر مختلف مسئلن جو شڪار ھجڻ ڪري 12 ھزار مستحق عورتن کي نه ملي سگھيا

Most Popular