تلھار ۾ بي آئي ايس پي احساس ڪفالت طرفان مستحق عورتن کي جاري وضيفو ٿيڻ جي باوجود احساس سينٽر مختلف مسئلن جو شڪار ھجڻ ڪري 12 ھزار مستحق عورتن کي نه ملي سگھيا

تلھار رپورٽ تلھار ۾ بي آئي ايس پي احساس ڪفالت طرفان مستحق عورتن کي جاري وضيفو ٿيڻ جي باوجود احساس سينٽر مختلف مسئلن جو شڪار ھجڻ ڪري 12 ھزار مستحق عورتن کي نه ملي سگھيا احساس سينٽر تي عورتن جي پيھ،سوين عورتون اسڪولي لوھي گرلن ۾ چنڀڙي احتجاج ڪرڻ لڳيون ايس او پي تي به ڪو عمل نه ٿي سگھيو،پيرسن عورتن کي دڪا ٿاٻا ھڪ عورت جي بيھوش ھجڻ جو اطلاع،بيمار عورتون ويتر احساس سينٽر ۾ بکيو پيٽ ويھي روئينديون رڙنديون رھيون،جڏھن ته ايڇ بي ايل اي ٽي ايم ٻاھران ايجنٽ مافيا جا ڦيرا،اي ٽي ايم اندر عورت بيھاري مستحق عورتن کان 500 کان ھڪ ھزار جي ڪٽوتي سرعام جاري،تفصيل موجب تلھار جي احساس سينٽر ۾ انتظاميه جي نااھلي ۽ غفلت سبب ناقص بندوبست جي ڪري پيرسن بيمار ڳوڙھاري عورتن جي پڻ تذليل ھڪ ڏينھن ۾ 16 ڊوائيس مشينن جي ھجڻ باوجود به 100 عورتون ڪاسٽ نه ٿي سگھيون،ڊوائيس ايجنٽن عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين کي ٻڌايو ته اسان وٽ 16 مشينن مان فقط ڇھ مشينون سست ھلي رھيون آھن،باقي لوڪيشن سبب بنڌ پيل آھن جڏھن ته گذريل ڏينھن سجاد کٽي ء اسماعيل لودھي جي ڊوائس پڻ لوڪيشن تبديل سبب بنڌ ٿي ويون ان ڪري عورتون گھٽ ڪاسٽ ٿي رھيون آھن ھوڏانھن پيرسن عورتن الزام ھڻندي چيو ته اسان روز لوھي سلاخن پٺيان بيھاريون وڃون ٿيون پر نمبر نٿو ملي من پسنڌ ماڻھن جي چوڻ تي سفارشي ۽ ھڪ ھزار جي ڪٽوتي ڪرائيندڙ عورتون دير سان به اچي احساس سينٽر ۾ داخل ٿي پيسا وصول ڪري نڪري وڃن ٿيون ھنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته احساس سينٽر جي وزٽ ڪري ناقص بندوبست ۽ ڪٽوتين خلاف ايڪشن وٺي انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

راڻيپور ڀرسان گڏيجي ۾ قائم ڪيل احساس ڪفالت پروگرام سينٽر ۾ غريب مستحق عورتن جي پيئسن مان ڪٽوتي،ڪرونا وائرس ايس او پيز جي خلاف ورزي،انتظاميہ غائب

Read Next

آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسئيشن پاران استاد منظور علي خان ميوزيڪل اڪيڊمي خيرپور ۾ ثقافتي

Most Popular