ڊاڪٽر ديپڪ ۽ سندس جيون ساٿي سڏجندڙ ۽ ھاڻ پنھنجي حسين زندگي جا خواب ڏسي عليحدگي ڪندڙ سنيتا تو ڪئي توکي ڦٻي مومل اِها مذاق…!

مير جلباڻي
وري تنهنجي اوطاق مور نہ ايندو مينڌرو.
ھميشـ مظلوم فقط عورت ئي ناھي ھوندي ڪڏھن ڪڏھن مرد بـ مظلوم ٿي پوندو آء ديپڪ کي ھن اسٽيج تي پھچائڻ واري بـ سنيتا ۽ ساٿ ڇڏي وڃڻ واري بـ سنيتا ..ايڏي قرباني انسان نہ ڏي جنھن لاءِ آخر ۾ روئڻو پوي
ھندو ڌرم موجب ويجھا عزيز رشتيداري نٿا ڪري سگھن ديپڪ ۽ سنيتا پاڻ ۾ سئوٽ ماسات ھئا انھن جڏھن پيار جو پرڻو ڪيو تہ ٻنھي خاندانن (ديپڪ ۽ سنيتا) جي انھن کان لاتعلقي ڪري ڇڏي
ديپڪ چمبڙ جو ھو ۽ سنيتا ٽنڊو غلام علي جي ھئي ان پسند جي پرڻي بعد ديپڪ جي پھرين قرباني عزيز ڇڏڻ بعد خاندان کان جدا ٿيڻ ھو ديپڪ جي ٻئي قرباني ھئي جو پسند جي پرڻي تان ان جو ڀاءُ قتل ڪيو ويو، سندس رت جي رشتن جي قرباني ھئي
ديپڪ جي ٽئين قرباني پنھنجي جسم جي قرباني ھئي، حيدرآباد ۾ ڦورو شريف پنھور قرار ڏي ديپڪ کي ھاف فراءِ ڪيو ويو جنھن ۾ سندس ھڪ ٽنگ ضايع ٿي وئي ٻئي ناڪارہ ٿي وئي،
وري زندگي جڏھن منھن موڙيو تـ سنيتا پنھنجي مسلمان ور سان ديپڪ جي تڏي تي وئي 2016 جو اھو واقعو منھنجي دل مان نـ مٽجو آھي جڏھن سباس طاھرا شاھ پنھنجي ور يعني ڪامران سان جيئڻ مرڻ جا گڏ واعدا ڪيا ھئا پر افسوس ھن سماج جي بيحسي سباس طاھرا جي گھرباتين طرفان ڪامران جي زندگي جو ڏيئو ھميشـ لاء وسائي سندس والدين ۽ گھرڀاتين لاء سڄي عمر سور ئي سور دلين ۾ پيدا ڪرايائون وري جڏھن چند ڏينھن ڪون گذريا تـ سندس ان وني جنھن جيئڻ مرڻ جا واعدا ڪيا يقينن تڏھن ڪامران جو روح تڙپيو ھوندو جڏھن بيوفائي وڃي چوٽ چڙھي ۽ سباس طاھرا طرفان ڪامران جي گھرڀاتين کي ڇڏي پنھنجي مائٽن سان رھڻ جو فيصلو ڪيو ساڳي ريت ھن ڪھاڻي کي بـ ساڳيو درجو ڏجي ٿو تـ ديپڪ ڪيترائين حسين خواب ڏٺا ھوندا سنيتا سان گڏ رھڻ جا ۽ اڃا اکين جي تارن جي ڇنڀجڻ ھوندي سندس سان بيوفائي ڪري ساڳي بيڊ تي بي يارو مدد گار ڇڏي پنھنجي خوب زندگي نڀائڻ لاء وڃي

Read Previous

سڪرنڊ: اسٽنٽ ڪمشنر محمد سليم جتوئي پاران شهر جو گشت، ڪورنا ايس او پي تي عمل ڪرڻ جي هدايت

Read Next

قاضي احمد لڳ ڳوٺ گولو ڏاهري جي رهواسي ريادت ڪوري قاضي احمد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي

Most Popular