قاضي احمد لڳ ڳوٺ گولو ڏاهري جي رهواسي ريادت ڪوري قاضي احمد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي) قاضي احمد لڳ ڳوٺ گولو ڏاهري جي رهواسي ريادت ڪوري قاضي احمد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي ٻه مهينا اڳ منهنجي گهر واري مسمات ندا مريم ڌي سالم گوپانگ ڳوٺ حاجي خان گوپانگ تعلقو ڪنڊيارو ڳوٺ مال راهو جي رھواسي بيدل راهو ورغلائي کڻي فرار ٿي ويو هو جنهن ان سان ڪورٽ سڳوري ۾ نڪا جي مٿان نڪاهه ڪيو اٿس جنهن مان مونکي ٽي معصوم ٻارڙا آهن بيدل راهو ان جو ڀاءُ رشيد راهو مونکي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ته چار لک ڏي ته تونکي گهر واري واپس موٽائي ڏيون راهو برادري ۽ٻين علائقن جي معززن کي به دانهون ڏنيون آهن پر ڪير مون مسڪين جي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي جڏهن ته منهنجي زال گھر مان پيسا ۽ سون به کڻي وئي آهيمان اعليٰ اختيارن کان اپيل ڪيان ٿو ته مون مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي مونکي پنهنجي گهرواري واپس ڪرائي ڏني وڃي

Read Previous

ڊاڪٽر ديپڪ ۽ سندس جيون ساٿي سڏجندڙ ۽ ھاڻ پنھنجي حسين زندگي جا خواب ڏسي عليحدگي ڪندڙ سنيتا تو ڪئي توکي ڦٻي مومل اِها مذاق…!

Read Next

سجاول: پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري سورج سجاولي پ پ آفيس سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي

Most Popular