سجاول: پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري سورج سجاولي پ پ آفيس سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري سورج سجاولي پ پ آفيس سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلدياتي نظام ختم ٿيڻ کانپوء مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي چارجون ملڻ کانپوء ڪجه به ناھي ٿيو ڪڙورن روپين جي ڪرپشن ٿي آھي.ھر ٽائون ڪميٽي جي ڪڙورن جي بجٽ اچي ٿي يونين ڪائونسل پنج لک روپيا بجٽ ملي ٿي.پوري ضلعي سجاول جي 9 ڪڙور روپيا بجٽ ٿئي ٿي پر سجاول ضلعي ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿيو آھي.سنڌ حڪومت پاران آگسٽ جي مھيني ۾ بلدياتي نظام ختم ٿي ويا ھئا.جنھن تي چيو ويو ھو ته جن چئرمينن وٽ گاڏيون آھن.اھي ڪراچي ۾ جمع ڪرائن پر سجاول ضلعي جو گاڏيون اڃا تائين جمع نه ٿيون آھن.ھڪ ئي ٽي ايم ۽ اي سي کي ٽي ٽي ٽائون ڪميٽي جو چارجون مليون آھن.ھن چيو ته نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ان بابت نوٽس وٺي ڪاروائي ڪري ھن وڌيڪ چيو ته ڪجه ڏينھن ۾ پ پ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جو اجلاس آھي جنھن ۾ شڪايت ڪندس پوء به معاملو حل نه ٿيو ته سجاول پبلڪ پارڪ تي ڌرڻو ھنيو ويندو.

Read Previous

قاضي احمد لڳ ڳوٺ گولو ڏاهري جي رهواسي ريادت ڪوري قاضي احمد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي

Read Next

سجاول شھر ۾ حددخلين خلاف ڪاروائي ڪرڻ کانپوء سياسي ماڻھن طرفان آفيسرن کي ڌمڪيون ملڻ خلاف وڪيل اڳتي اچي ويا

Most Popular