سجاول شھر ۾ حددخلين خلاف ڪاروائي ڪرڻ کانپوء سياسي ماڻھن طرفان آفيسرن کي ڌمڪيون ملڻ خلاف وڪيل اڳتي اچي ويا

سجاول:(ڊر)سجاول شھر ۾ حددخلين خلاف ڪاروائي ڪرڻ کانپوء سياسي ماڻھن طرفان آفيسرن کي ڌمڪيون ملڻ خلاف وڪيل اڳتي اچي ويا.سجاول جي وڪيلن عبدالطيف کٽي،زين العابدين،آفتاب ڪنڀار ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي وڪيل عبدالطيف بار جي طرفان ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ھئي ته سجاول شھر ۾ حددخليون ختم ڪرايون وڃن.جنھن تي ڪورٽ پاران حڪم ڏنو ويو ھو ته چار ايڪڙ بس اسٽاپ تي قبضو ڪيو ويو آھي.جنھن تي آفيسر ڪورٽ ۾ چيو ويو آھي.ته اسان ھي خالي ڪرائينداسين.بند پيل مڇي مارڪيٽ ٻيھر بحال ڪرائينداسين.انھن وڌيڪ چيو ته سجاول شھر مان حددخليون ختم ڪرايون وڃن جنھن تي انڪروچمنٽ پوليس،ٽائون انتظاميه پاران حددخليون ختم ڪرائڻ لاء نڪري پيا ھئا.جنھن کانپوء شھر مان قبضا ختم ڪرايا پيا وڃن.جنھن کانپوء آفيسرن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.ته توھان شھر مان حددخليون ختم ڪرايو ته توھان جي ڊيوٽي نه رھندي.جنھن تي سجاول ضلعي جا وڪيل سرڪاري آفيسرن سان گڏ آھن.اسان انھن سرڪاري آفيسرن سان گڏ آھيون.جيڪا شھر مان حددخليون ختم ڪرائي رھيا آھن.

Read Previous

سجاول: پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري سورج سجاولي پ پ آفيس سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي

Read Next

ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لا ترقي پسند پارٽي سانگهڙ جو احتجاجي مظاهرو

Most Popular