اڳوڻي ضلعي چيئرمين پي پي اڳواڻ مخدوم فخرالزمان مٽياري پهچي سينيئر صحافي جي ايم بابو خاصخيلي سان تعزيت ڪئي

مٽياري . رپورٽ .اڳوڻي ضلعي چيئرمين پي پي اڳواڻ مخدوم فخرالزمان مٽياري پهچي سينيئر صحافي جي ايم بابو خاصخيلي سان تعزيت ڪئي ..اڳوڻي ضلعي چيئرمين مٽياري ۽ پي پي اڳواڻ مخدوم فخرالزمان مٽياري پهچي سينيئر صحافي جي ايم بابو خاصخيلي سان سندس والده جي وفات تي تعزيت ڪئي تعزيت دوران سينيئر پي پي اڳوڻ پير سيد سوڌل شاھ هاشمي .فقر حسين علي جعفري،اڪبر علي ڀٽو، محفوظ جماڻي . لائق قاضي . ڊاڪٽر زاهد ميمڻ، فاروق نوحپوٽو، شمن سھتو، سينئر صحافي منير احمد خاصخيلي سمت مٽياري ميڊيا ھائوس جا صحافي پڻ موجود هئا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم فخرالزمان جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي اسان جي وزير اعظم ۽ سندس درزن کان وڌيڪ صلاحڪارن جو سڄو ڌيان صرف اپوزيشن تي تنقيد ڪرڻ آهي جيڪو ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آ ان طرف ڪا سنجيدگي ناهي هن چيو اپوزيشن جماعتن پاران حڪومت خلاف شروع ڪيل تحريڪ ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ سليڪٽيڊ کي گهر وڃڻو پوندو

Read Previous

شهر جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن طرفان سنڌ هڪ ثقافت، سنڌ رهي آباد جي عنوان سان ايڪتا ريلي ڪڍي

Read Next

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل ٽن نوجوانن جي وارث عورتن طرفان بک هڙتال ڪئي وئي

Most Popular