لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل ٽن نوجوانن جي وارث عورتن طرفان بک هڙتال ڪئي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل ٽن نوجوانن جي وارث عورتن طرفان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بينر کڻي سندن آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پيرسن عورت رحمت خاتون سومرو، اقصيٰ دايو، افسانه دايو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته29 مئي 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان پورهيت درزي انصاف دايو کي جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو ۽ 23 آگسٽ 2020ع تي لاڙڪاڻي واسي ٻن پورهيت ڀائرن فراز احمد ۽ شيراز سومرو کي ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺن مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ سخت پريشاني واري لهر ڇانيل آهي. هنن چيو ته کنڀي گم ڪيل 3 نوجوان ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث نه آهن ۽ نه ئي سندن مٿان ڪو ڪيس وغيره داخل آهي، پر تنهن جي باوجود به اسان جي پيارن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

اڳوڻي ضلعي چيئرمين پي پي اڳواڻ مخدوم فخرالزمان مٽياري پهچي سينيئر صحافي جي ايم بابو خاصخيلي سان تعزيت ڪئي

Read Next

خيرپور بار جي نائب جي آفيس ڊاهي پٽ ڪرڻ خلاف برادري سراپا احتجاج بڻيل، عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ

Most Popular