شهر جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن طرفان سنڌ هڪ ثقافت، سنڌ رهي آباد جي عنوان سان ايڪتا ريلي ڪڍي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن طرفان ايم حنيف چانڊيو جي اڳواڻي ۾ شهر جي سچل ڪالوني مان هڪ سنڌ هڪ ثقافت، سنڌ رهي آباد جي عنوان سان ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، جنهن ريلي ۾ شعيب چانڊيو، شاھزيب مگسي، نواز مگسي، مير علي سانگي، سيد محمد عباس شاه، آفاق سوھو، مھراڻ ڀٽي، واجد چانڊيو، عمران ڏاھاڻي، اسد مگسي، الطاف مگسي، ڪامران مگسي، رضوان شاه، حيدر علي سانگي سميت ٻين شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ريلي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي لاڙڪاڻو خيرپور سنڌو درياھ جي پل وٽ پهتي. جتي مٿين شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي تي ناز آهي، اسان سنڌي هزارين سال پراڻي قوم آهيون، جڏهن ته اسان جي وڏن جو پاڪستان ٺاهڻ سان گڏ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. هنن چيو ته سنڌ صوفين جي سرزمين آهي، جنهن هر وقت پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، جڏهن ته اسان سنڌي جي مهمان نوازي سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، اسان پنهنجي در تي آيل دشمن کي به مان ڏيندا آهيون، جنهن لاءِ دنيا وارا اسان سنڌين کي محبت جو سفير سڏيندا آهن.

Read Previous

سکر: اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان نيب سکر پاران ايئرپور روڊ کان آءِ بي اي يونيورسٽي سکر تائين ميراٿن ريس ڪرائي وئي

Read Next

اڳوڻي ضلعي چيئرمين پي پي اڳواڻ مخدوم فخرالزمان مٽياري پهچي سينيئر صحافي جي ايم بابو خاصخيلي سان تعزيت ڪئي

Most Popular