خيرپور بار جي نائب جي آفيس ڊاهي پٽ ڪرڻ خلاف برادري سراپا احتجاج بڻيل، عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ

خيرپور (رپورٽ:رانجهن شيخ ) خيرپور بار جي نائب جي آفيس ڊاهي پٽ ڪرڻ خلاف برادري سراپا احتجاج بڻيل، عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ. خبر موجب ڊسٽرڪٽ بار ائسوسيئيشن خيرپور جي نائب صدر فيروز الدين شيخ جي آفيس ميونسپل انتظاميا خيرپور پاران ڊاهي پَٽ ڪرڻ خلاف وڪيل برادري سراپا احتجاج بڻيل آهن، خيرپور ۾ بار جي سڏ تي وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ ڪري بار کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي بار جو صدر سيد جعفر شاهه، بار جو اڳوڻو صدر منظور انصاري، مير اسرار ٽالپر، فياض خميساڻي، محمد عاقل سمنگ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي وڪيلن جو چوڻ هو ته عدالت طرفان اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ باوجود اسسٽنٽ ڪمشنر صفدر ميراڻي، اي ڊي سي ون ضمير جاگيراڻي ۽ ميونسپل انتظاميا ڪارروائي ڪري وڪيل فيروز الدين شيخ جي آفيس جا تالا توڙي آفيس ۾ رکيل روڪ رقم، ضروري ڪاغذات، ليپ ٽاپ ۽ ٻي ضروري سامان کڻي ويا ۽ آفيس کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، وڪيلن طرفان نقصان جي ازالي ۽ ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل ٽن نوجوانن جي وارث عورتن طرفان بک هڙتال ڪئي وئي

Read Next

خيرپور: گسٽا مهيسر سنڌ جي مرڪزي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس خيرپور ۾ مرڪزي صدر مقصود مهيسر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

Most Popular