لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني جي رهواسي نوجوان طرفان بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني جي رهواسي نوجوان طرفان بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ نادر علي کوکر صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 4 مهينا اڳ منهنجي بااثر چاچي معشوق علي کوکر سندس پٽن اقبال، اشفاق، بهرام کوکر ۽ ٻين مونکان اوڌر تي هڪ لک 90 هزار روپيا روڪ ورتا هئا، جن چيو ته اسان پنهنجي جڳھ تعمير ڪرائڻ کان پوءِ تونکي پيسا واپس ڪنداسين، جڏهن ته بعد ۾ چاچي 50 هزار روپيا وڌيڪ طلب ڪيا، جنهن کي مان جواب ڏنو ته مون وٽ هاڻي ڪجھ به نه آهي، جيڪي پيسا هئا مان اوهان کي ڏئي چڪو آهيان، جنهن کان پوءِ هو مون مٿان ڏمرجي پيا ۽ مون سان جهيڙو ڪيو، جنهن جو ڪيس مان حد جي رحمت پور ٿاڻي تي داخل ڪرايو ۽ پوليس بااثر چاچي معشوق کوکر ۽ سندس هڪ پٽ کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي آئي، جتي پوليس کين پيسا وٺي آزاد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته بااثر چاچي ۽ سوئٽن جي ظلم کان تنگ ٿي مان پنهنجي جڳھ فروخت ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪا به پارٽي جڳھ ڏسڻ اچي ٿي ته بااثر چاچي معشوق کوکر سندس پٽ انهن سان جهيڙو ڪن ٿا، منع ڪرڻ تي هو مونسان به وڙهي ٿا پون، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر چاچي ۽ سوئٽن خلاف ڪاروائي ڪري ورتل رقم واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

ڀرياروڊ : 300 ڪٺا اٺي جا ڀر ياروڊ شھر ۾ 10 ڪلو وارا 418 روپيا جي سستي اگھ تي ڏن

Read Next

ڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني جي رهواسي ٻن پورهيت ڀائرن طرفان جڳھ تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular