ڀارت ۾ ڇڪتاڻ وارو سلسلو جاري، دهلي جي وڏي وزير سميت ڪيترائي اڳواڻ نظربند

نئين دهلي:  مودي حڪومت جي خلاف هارين جي تحريڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي آهي. سياسي پارٽين ريلوي ورڪرز، ٽرڪ ڊرائيور، استادن ۽ مزدور يونين به(ڀارت بند) جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي هارين گادي واري شهر جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي. اوڀرين ۽ اولهين رياستن ۾ سمورا روڊ ۽ ريلوي ٽريڪ به بلاڪ ڪياو يا آهن. هارين مارڪيٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي ٽريڪٽر بيهاري روڊن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. ڪانگريس سميت ڀارت جي 14 سياسي پارٽين به هارين جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي پوليس دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال کي نظر بند ڪري ڇڏيو آهي. اروند ڪيجريوال هارين سان ملاقات ڪئي هئي. اروند ڪيجريوال موجب حڪومت هارين کي جيل ۾ وهڻ جي هدايت ڪئي هئي جنهن تي عمل  نه ڪيو جنهن کان پوءِ مون کي نظر بند ڪيو ويو آهي.  عالمي ذريعن موجب پنجاب، هريانه ۽ اترپرديش ۾ به مخالف ڌر جي سرگرم اڳواڻن کي به گهرن ۾ نظر بند ڪيو ويو آهي. دنيا جي سڀني کان وڏي نام نهاد جمهوريت جي گادي واري شهر دهلي جي ٻاهران ڪيترن ئي هفتن کان هاري حڪومت جي زرعي پاليسين  خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن.  هارين ۽ پوليس وچ ۾ ڪيترائي دفعا چڪريون به ٿي چڪيون آهن.  گهرو وزير اميت شاهه سان هارين جي اڳواڻن ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ڪيون به ڪيون پر اهي ناڪام رهيون آهن. حڪومت  احتجاج ڪندڙن کي دهلي جي اسٽيڊيم ۾ ويهڻ جو چئي رهي آهي ته جيئن ڪاروبار واري زندگي متاثر نه ٿئي. جڏهن ته مظاهرين جو خيال آهي ته مودي سرڪاري اسٽيڊيم کي جيل ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي. ياد رهي ته مودي سرڪار سيپٽمبر جي مهيني ۾ جڏهن کان زراعت جي شعبي ۾  نوان قانون متعارف ڪرايا آهن ان کان پوءِ هاري ان جي مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ هزارين هاري گادي واري شهر دهلي ۾ داخل ٿيندڙ رستن تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن. هارين جي هن ڌرڻي جي ملڪ جي 24 مختلف پارٽين به حمايت ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

ڪشمور : تنگواڻي تعلقي ڳوٺ آدم جکراڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار شير محمد جکراڻي ٻٽو قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو

Read Next

ڀارتي هارين جي احتجاج تي باڪسر عامر خان به ڳالهائڻ لڳو

Most Popular