ڀارتي هارين جي احتجاج تي باڪسر عامر خان به ڳالهائڻ لڳو

لنڊن: پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان ڀارتي هارين جي حق ۾ آواز بلند ڪندي چيو آهي ته آئون هنن جي مطالبن جي ڀرپور حمايت ٿو ڪيان. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ باڪسر عامر خان جو چوڻ آهي ته ڀارتي هارين خلاف پرتشدد ڪارروايو مذمت لائق آهن، انڊين اٿارٽي کي گهرجي ته هنن جا مطالبا تسليم ڪري، پرامن احتجاج هر ڪنهن جو بنيادي حق آهي. عامر خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته سموري دنيا ۾ موجود منهنجا سک ڀائر ۽ ڀينرون انصاف لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن، آئون هندستاني هارين سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪندي هنن جي ڀرپور سپورٽ ٿو ڪيان.

Read Previous

ڀارت ۾ ڇڪتاڻ وارو سلسلو جاري، دهلي جي وڏي وزير سميت ڪيترائي اڳواڻ نظربند

Read Next

ڪورونا جي ٻئي لهر ۾ تيزي: پاڪستان ۾ وڌيڪ سٺ مريض حياتيون وڃائي ويٺا

Most Popular