ڪورونا جي ٻئي لهر ۾ تيزي: پاڪستان ۾ وڌيڪ سٺ مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان واڌ ٿي رهي آهي. جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 45 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.  نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 38 هزار 092 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽس جو انگ 58 لک 65 هزار 944 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 963 مريضن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 26 هزار 142 ٿي ويو آهي.  سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ هڪ لک 87 هزار 684، پنجاب ۾ هڪ لک 24 هزار 804، خيبرپختونخواهه ۾ 50 هزار 506، اسلام آباد  ۾ 33 هزار 420، بلوچستان ۾ 17 هزار 540، آزاد ڪشمير ۾ 7 هزار 427 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 761  مريضن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.  سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 45 هزار 324 ٿي ويو آهي جن مان 2 هزار 496 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 60 مريض فوت ٿي چڪا آهن. جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو انگ 8 هزار 547 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ هزار 797 ڄڻن ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ هن وبا جي خلاف جاري جنگ کٽيندڙ ماڻهن جو انگ 3 لک 72 هزار 271 ٿي ويو آهي.

Read Previous

ڀارتي هارين جي احتجاج تي باڪسر عامر خان به ڳالهائڻ لڳو

Read Next

مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز جيڪو چاهين ٿا اهو نٿو ٿي سگهي: فواد چوڌري

Most Popular