مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز جيڪو چاهين ٿا اهو نٿو ٿي سگهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز جيڪو چاهين ٿا اهو نٿو ٿي سگهي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته  منهنجي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ان موجب استعيفيٰ جون ڳالهيون صرف ميڊيا تي هلي رهيون آهن هڪ به اسيمبلي جي ميمبر اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي استعيفيٰ ناهي موڪلي. وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ مريم بي بي جيڪو چاهين ٿا اهو نٿو ٿي سگهي.  ناراضگيون ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي مسئلو جلسن سان نه سمجهه سان حل ٿيندو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جو   سربراهي اجلاس ٿيو هو جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان اجلاس ۾ ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪيو هو. هن چيو ته سمورين پارلياماني پارٽي جي ميمبرن کي هدايت ڪري ڇڏي آهي ته هو 31 ڊسمبر تائين پنهنجي استعيفيٰ جمع ڪرائين. سنڌ سميت سمورين اسيمبلين جا استعيفيٰ جمع ڪرايا ويندا.

Read Previous

ڪورونا جي ٻئي لهر ۾ تيزي: پاڪستان ۾ وڌيڪ سٺ مريض حياتيون وڃائي ويٺا

Read Next

جمهوري نظام ان لاءِ ناهي هوندو ته عوام جي زندگي کي خطري ۾ وڌو وڃي: اسد عمر

Most Popular