مورو شهر جي ملڪ ڪالوني احمد شاهه اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم اسڪول جا معصوم ٻارڙا ۽ محلي واسي ٻٽي عذاب ۾ زندگي گذارڻ لڳا

مورو رپورٽر محمد انيس ڪلھوڙو
مورو شهر جي ملڪ ڪالوني احمد شاهه اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم اسڪول جا معصوم ٻارڙا ۽ محلي واسي ٻٽي عذاب ۾ زندگي گذارڻ لڳا ، تفصيل موجب مورو شهر جو مين محلو ملڪ ڪالوني احمد شاهه اسڪول وٽ هر وقت گندي نالي جو پاڻي رستي تي بيٺل رهي ٿو اسڪول جا معصوم ٻارڙا ۽ محلي واسي هن گندي پاڻي مان گذري پنهنجن گهرن ۽ اسڪول ڏانهن وڃن ٿا محلي واسين ايڊمنسٽريٽر مورو کي ڪافي مرتبه شڪايتون ڪيون آهن ته ملڪ ڪالوني جي مين گلي ٺهرائي ڏيو ۽ هتان گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي پر صرف ٺلهن آسرن کان سواءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي مورو شهر ڪروڙين روپين جي بجيٽ هوندي به سي ايم او مورو ۽ ايڊمنسٽريٽر مورو صرف دلاسن کانسواءِ هن وقت تائين ڪوبه ظاهري ڪم نه ڪيو آهي اسڪول جي سامهون خالي ٿيل پلاٽ تي نالي جو گندو پاڻي هر وقت بيٺل رهي ٿو جنهن ۾ اسڪول جا ٻارڙا ۽ محلي واسي پڻ مختلف بيمارين ۾ وڪڙجي ويا آهن هتي جي علائقي واسين ڊي سي نوشهروفيروز، مورو ايڊمنسٽريٽر ،سي ايم او کان اپيل ڪئي ته هن محلي جي مين گلي جي نالي ۽ رستو ٺهرائي ڏنو وڃي ته جيئن هن اسڪول ۾ ايندڙ معصوم ٻارڙا ۽ محلي واسين جي هن عذاب مان جان ڇٽي ٻئي طرف احمد شاهه اسڪول ۾ گندو پاڻي وڃڻ ڪري اسڪول جي بلڊنگ مڪمل ناڪارا ٿي چڪي آهي جنهن جو ٽينڊر پڻ منظور ٿيو مگر هڪ بااثر سياسي پهنچ رکندڙ ٺيڪيدار نصرالله سومرو جيڪو لاڙڪاڻو جو ٻڌايو وڃي ٿو ان کي هن اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم ڏنو ويو آهي پر ٺيڪيدار نصرالله سومرو پڻ اسڪول جو ناقص ڪم ڪرائي ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو آهي هن جو چوڻ آهي ته مون کي پيسا نه مليا آهن پيسا ملندا ته مان ڪم اڳتي وڌائيندس جنهن سبب هن اسڪول جي استادن پنهنجي مدد پاڻ هڪ پرائيوٽ جڳه وٺي ننڍڙن معصوم ٻارڙن جي مستقبل خاطر انهن کي تعليم ڏئي رهيا آهن اسڪول سان لڳل نالي جو پاڻي پڻ هر وقت اسڪول ۾ اندر داخل ٿئي اسڪول جو ناقص ڪم ٿيڻ ڪري ۽ نالي جو پاڻي اندر اچڻ ڪري اسڪول کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي هتان جي استادن محلي واسين سياسي سماجي علمي ادبي ماڻهن انتظاميه کي اپيل ڪئي آهي ته احمد شاهه اسڪول جيڪو هڪ ڪيمپس اسڪول آهي ان کي جلد کان جلد تيار ڪرايو وڃي ته جيئن اسڪول جا ٻارڙا پنهنجي اسڪول ۾ پڙهي سگهن ۽ هتان جي مين گلي ۽ نالي ٺهرائي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ انتظاميه خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪرپشن خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

Read Next

تلھار ۾ معزورن جو مطالبن جي مڃتا لا۽ عوامي پريس ڪلب تلھار آڏو احتجاجي مظاھرو

Most Popular