پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪرپشن خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

سڪرنڊ (رپورٽ ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪرپشن خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي استادن ۽ انتظاميه طرفان ”ترقي، امن ۽ تحفظ لاءِ بدعنوانين خلاف متحد ٿيو“ جي عنوان سان اڪيڊمڪ بلاڪ کان ايڊمن بلاڪ تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي شرڪائن خطاب ڪندي چيو ته اسان کي دين اسلام جي سنهري اصولن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ۽ ڪرپشن کان پاڪ هڪ اهڙو مثالي معاشرو جوڙڻو آهي جنهن ۾ ميرٽ جي بالادستي، انصاف جي فراهمي ۽ ڪمزور طبقن جي حقن جو تحفظ يقيني هجي

Read Previous

سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي تڪرارن کي روڪڻ لاءِ مختلف قبيلن جي عهديدارن جو اجلاس

Read Next

مورو شهر جي ملڪ ڪالوني احمد شاهه اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم اسڪول جا معصوم ٻارڙا ۽ محلي واسي ٻٽي عذاب ۾ زندگي گذارڻ لڳا

Most Popular