ڀان سيدآباد : لنڊ برادري جي ماڻهن ڇني ڀان لنڪ روڊ تي پلاٽن تي بااثرن جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڀان سيدآباد ۾ لنڊ برادري جي ماڻهن نبي بخش لنڊ، مظهر لنڊ، فتح محمد لنڊ، امام داد لنڊ جي اڳواڻي ۾ ڇني ڀان لنڪ روڊ تي پلاٽن تي بااثرن جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ڀان سيدآباد اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو تہ 2005ع ۾ اسان جلال لغاري نالي شخص کان ڇني ڀان لنڪ روڊ تي پلاٽ خريد ڪيو هيو جنهن پلاٽ تي بشير، حنيف، اقبال پنهنجي ساٿين سميت هٿياربند ساڻ ڪري زبردستي قبضو ڪيو آهي، قبضي جي شڪايت مختيارڪار سيوهڻ ۽ ڀان پوليس کي بہ ڪئي آهي پر ڪير بہ ٻڌڻ لاء تيار ناهي، هنن چيو تہ اسان جي پلاٽ تي زبردستي قبضو ٿي رهيو آهي پر ڪير بہ مدد لاء تيار ناهي، هنن آخر ۾ ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو تہ معاملي جو نوٽيس وٺي قبضو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلوجاري رهندو.

Read Previous

ڪا ضلع دادو جي گڏجاڻي ٿي گذري

Read Next

سکر ۾ رشوت خلاف بين الاقوامي ڏهاڙي تي ضلعي انتظاميه ۽ اينٽي ڪرپشن پاران آگاهي واڪ

Most Popular