سکر ۾ رشوت خلاف بين الاقوامي ڏهاڙي تي ضلعي انتظاميه ۽ اينٽي ڪرپشن پاران آگاهي واڪ

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سکر ۾ رشوت خلاف بين الاقوامي ڏهاڙي تي ضلعي انتظاميه ۽ اينٽي ڪرپشن پاران آگاهي واڪ
هر قسم جي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي عهد ڪرڻو پوندو: ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر
ڪرپشن جي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري سطح تي رستا روڪ ڪرڻي پوندي: ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل
اينٽي ڪرپشن کاتي پاران سنڌ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ جاکوڙ جاري آهي، معاشري جي سمورن طبقن جو ساٿ گهرجي:ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سکر منير احمد کهڙو
۔ بدعنوانيءَ جي خاتمي واري بين الاقوامي ڏهاڙي جي موقعي تي سکر ۾ ضلعي انتظاميه پاران اينٽي ڪرپشن کاتي سکر جي سهڪار سان ميونسپل اسٽيڊيم کان سکر پريس ڪلب تائين آگاهي واڪ ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر، ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ايس ايس پي منير احمد کهڙو ڪري رهيا هئا. ڪرپشن خلاف آگاهي واڪ ۾ تعليم، صحت، روينيو، پوليس، ماحوليات، سماجي ڀلائي ۽ آبادي ڀلائي سميت سمورن سرڪاري کاتن جي آفيسرن، ملازمن، سماجي ۽ واپاري تنظيمن، سول سوسائٽي، اين جي اوز اڳواڻن، استادن، شاگردن، عورتن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪرپشن خلاف ريليءَ کي خطاب ڪندي ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر چيو ته اسانکي اڄ عهد ڪرڻو پوندو ته ڪرپشن ڪنهن به قسم جي هُجي اُن کي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه تي سڀني کي اتفاق هئڻ گهرجي ته ڪرپشن جي هوندي ڪوبه ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڪرپشن هڪ بيماري ۽ ناسور آهي جنهن کي ختم ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، ننڍن ننڍن ۽ انفرادي مفادن خاطر اجتماعي ۽ وڏن فائدن جو سودو ٿي ويندو آهي. ڪمشنر سکر ڊويزن وڌيڪ چيو ته اسانکي پنهنجن ذاتي ۽ ننڍن فائدن کي نظرانداز ڪري اجتماعي مفادن ۽ قومي ترقيءَ لاءِ سوچڻ گهرجي، ملڪي ترقيءَ لاءِ ڪرپشن جو خاتمو ضروري آهي. هن چيو ته سکر ڊويزن ۾ اينٽي ڪرپشن ڪميٽيون مختلف کاتن ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن ۽ ڪرپشن ڪيسن ۾ ڪارروايون به ڪيون آهن جنهن جا سٺا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، انشاءَ الله اسان هيءَ بيماري ختم ڪري کي ساهه پٽيندا سين. ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور چيو ته اسان سڀني جي ذميواري آهي ته ڪرپشن جي برائي جو سرڪاري يا غيرسرڪاري سطح تي خاتمو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪرپشن هڪ طرفي ناهي هوندي، رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻنهي کي جهنمي قرار ڏنو ويو آهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ايس ايس پي اينٽي ڪرپشن سکر منير احمد کهڙو خطاب ۾ چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي پاران سنڌ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ جاکوڙ جاري آهي، معاشري جي سمورن طبقن کي ڪرپشن جي لعنت جي خاتمي لاءِ ساٿ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته رشوت هڪ سماجي ظلم آهي جنهن جي سزا دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ ملڻي آهي. هن وڌيڪ چيو ته رشوت هڪ ناسور آهي، رشوت ۽ حرام کائڻ سان پنهنجي آخرت، عزت ۽ اولاد کي داءُ تي نه لڳايو وڃي. ڪرپشن خلاف آگاهي ريليءَ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن صوفي عبدالحفيظ چاچڙ، سرڪل آفيسرز مقصد سومرو، جنسار سومرو، زاهد کوسو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سيد نصير شاهه ۽ ايم ايس غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي سميت ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.

Read Previous

ڀان سيدآباد : لنڊ برادري جي ماڻهن ڇني ڀان لنڪ روڊ تي پلاٽن تي بااثرن جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي ڊي سي هائوس کان سجاول پريس ڪلب تائين ھڪ آگاهي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular