ڪا ضلع دادو جي گڏجاڻي ٿي گذري

دادو (در) آپڪا ضلع دادو جي گڏجاڻي ٿي گذري۔ آپڪا ” آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوئيشن) دادو جي گڏجاڻي علامه آء آء قاضي لائبرري جي پارڪ ۾ ٿي گذري، جنهن جي صدارت ضلعي صدر علي رضا ٻگهيو ۽ آپڪا ضلعي جي چيئرمين منير احمد سيال ڪئي، ان ميٽنگ ۾ ضلعي دادو جي سڀني ميمبرن شرڪت ڪئي، ان ۾ يونين جي ڪم ڪار ۽ تعلقي وائيز يونٽ تشڪيل ڏيڻ لا۽ ان کان علاوه آپڪا ضلعي دادو جي چونڊيل ميمبرن جي حلف برادري تقريب پڻ تجويزن تي غورويچا ڪيو ويو ۽ سڀني عهديدارن ۽ ميمبرن يڪراء سان فيصلوڪيوته ضلعي اندر سڀني سرڪاري کاتن جي ملازمن سان لھ وچڙ ۾ اچڻ ۽ ڪم ڪار جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي سان رابطا تيز ڪيا وڃن ته جيئن هن منظم تنظيم کي اڳتي وڌائي، پنهنجا جائزحق ۽ مسئلا حل ڪرائي سگهجن، هر کاتي جي سرڪاري ننڍن وڏن ملازمن جي فلاح بهبود لاء ٺهندڙ هن يونين مان هر ملازم کي لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي ان لاء سڀني ملازمن هڪ مضبوط اتحاد قائم ڪري پنهنجن حقن لاء جدو جهد ڪرڻي پوندي ۽ اسان جي جدوجهد صرف دادو جي ملازمن لاء نه پر پوري پاڪستان جي ننڍن ملازمن لاء آهي ۽ انهن جي حقن جي حاصلات لاء هن تنظيم ۾ هر هڪ سرڪاري ملازم شريڪ ٿئي سگهي ٿو

Read Previous

تلھار ۾ معزورن جو مطالبن جي مڃتا لا۽ عوامي پريس ڪلب تلھار آڏو احتجاجي مظاھرو

Read Next

ڀان سيدآباد : لنڊ برادري جي ماڻهن ڇني ڀان لنڪ روڊ تي پلاٽن تي بااثرن جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular