سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه (رپورٹ:دانش حیدر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ايس ٽي پي ضلعي نوابشاهه پاران سيد اطھر شاھه، ناري تحريڪ جي اڳواڻ انيلا رفيق ملاح، عطا محمد لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي ھائوس ريگل چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي جتي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي اڳواڻن احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي کي شھيد ٿئي 18 ڏينهن گذري ويا آھن ليڪن اڃان تائين پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگھي آھي جيڪا انتھائي افسوس جھڙي ڳالهه آھي، ھنن چيو ته وفاق کي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪنھن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏنو ويندو، سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن انھن تي سنڌي ماڻهن جي حق آھي، هنن چيو ته اسان جا ضلعي عهديدارن تي بي گناهه ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي انهن کي جيل حوالي ڪيو ويو آهي ھنن مطالبو ڪيو ته شھيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري انھن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ گرفتار ٿيل ضلعي اڳواڻن کي آزا ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي

Read Previous

راڻيپور ڀرسان ڳوٺ وڏا مهيسر ۾ ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي عنوان ھيٺ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي

Read Next

ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر پنهنجي آفيس جيڪانفرنس روم ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ اقليتن جا مسئلا حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ اعليٰسطحي اجلاس جي صدارت ڪئي

Most Popular