ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر پنهنجي آفيس جيڪانفرنس روم ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ اقليتن جا مسئلا حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ اعليٰسطحي اجلاس جي صدارت ڪئي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر پنهنجي آفيس جيڪانفرنس روم ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ اقليتن جا مسئلا حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ اعليٰسطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنرن، ايڊيشنلڪمشنر ون سکر اختر حسين قريشي، پاڪستان هندو ڪائونسل ۽ هندو پنچائت جي نمائندنشرڪت ڪئي. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر چيو ته اقليتن جا مسئلا فهرست مطابقهيٺين سطح تي حل ڪيا ويندا. هن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته لاڳاپيل ضلعن جي هندواڳواڻن سان گڏجاڻيون ڪري انهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ فوري طور لاڳاپيل آفيسرن کيذميواريون ڏنيون وڃن. ڪمشنر سکر ڊويزن چيو ته هندو برادري مسئلن جيحل لاءِ سرڪاريآفيسرن سان رابطي ۾ رهن ۽ مسئلن بابت فهرست ٺاهي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن مندرن،ڳئون شالا، زرعي زمين، دڪانن ۽ ٻين ملڪيتن تي ٿيل قبضن بابت سٺي ريت جاچ پڙتال ڪريقبضا ختم ڪرايا وڃن. ڪمشنر سکر ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کي هدايت ڪئي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ روينيوجي سيل ڊيڊ رڪارڊ جي جاچ پڙتال ڪري هندو برادري جي شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي. اجلاس۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي هندو برادري جينمائندن کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريندي چيو ته هو تعلقي سطح تي مسئلن جون فهرستونجوڙي ملاقات ڪن ته جيئن اوليتي بنيادن تي هندو برادري جا مسئلا حل ٿي سگهن. انموقعي تي پاڪستان هندو ڪائونسل ۽ هندو پنچائت جي نمائندن ٽنهي ضلعن ۾ ٿيل قبضن،حددخلين ۽ ٻين شڪايتن کان ڪمشنر سکر ڊويزن کي تفصيل سان آگاهه ڪيو.

Read Previous

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي سکر طرفان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 14 ھون سالگرھ جو ڪيڪ تاريخي ماڳ سنڌو درياء جي ھنج ۾ ڪٽيو ويو

Most Popular