راڻيپور ڀرسان ڳوٺ وڏا مهيسر ۾ ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي عنوان ھيٺ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي

راڻيپور(رپورٽر) راڻيپور ڀرسان ڳوٺ وڏا مهيسر ۾ ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي عنوان ھيٺ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، تفصيل موجب راڻيپور ڀرسان ڳوٺ وڏا مهيسر ۾ ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي عنوان ھيٺ سماجي اڳواڻ بشير احمد مهيسر جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف ھنڌن تان گذريندي مين چونڪ تي پهتي جنهن ۾ شهرين، سياسي، سماجي اڳواڻن سميت ننڍڙن ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، انهيء موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پنج ھزار سال جي تاريخ رکندڙ شاھوڪار سنڌ جي ثقافت به اوتري ئي پراڻي آھي، سنڌ واسين ڦيٿي زريعي ڪميونيڪيشن جو بنياد وڌو موھن جي دڙي وارن ئي دنيا کي ڪپھ ڏني جنهن مان دنيا ڪپڙو ٺاھي انگ ڍڪيو، سنڌي قوم مهمان نواز ۽ انسانيت جي خدمت تي يقين رکي ٿي، اجرڪ ۽ ٽوپي اسانجو شان ۽ سڃاڻپ آھي اڄوڪي ڏينهن تي اسان سڀ گڏ ٿي ڪري سنڌ جي دشمنن کي ٻڌايون ٿا ته سنڌ جي وسيلن سان ھٿ چراند بند ڪئي وڃي نه ته ھيءُ ڌرتيء جا ڌڻي ھاڻي روڊ رستا بند ڪري ڇڏيندا، ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ مذھبن جي ماءُ آھي ۽ زندہ قومون پنهنجا ثقافتي ڏڻ ملهائينديون آھن، انهيء موقعي تي ھدايت اللہ مهيسر، اللہ رکيو شر، فاروق مهيسر، نادر شر، شاھد مهيسر، وزير چنو، عامر مهيسر، سميت وڏي انگ ۾ شهري شريڪ

Read Previous

ڪرپشن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي ڪرپشن خلاف ريلي اي سي آفيس کان ڪڍي وئي

Read Next

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular