لاڙڪاڻي شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، رولو ڪتن 8 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، تعلقه مختيار ڪار جي اڳواڻيءَ ۾ عملي پاران يوسي عاقل ۾ 10 کان وڌيڪ ڪتن کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي ضلعي اندر رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، جڏهن ته رولو ڪتن 8 ڄڻن 10 ورهين جي فهميده ڌيء عابد علي، 40 سالن جي سلميٰ خاتون زال بخشل، 16 سالا جنت ڌيء مظفر، 32 سالا علي شير پٽ غلام شبير، 12 سالا حفيظ پٽ محمد رفيق، 50 سالا محمد رفيق پٽ محمد احسان، 5 ورهين جي راڻي بيبي ڌيء جهنگل عرف خان ۽ 7 ورهين جي منٺار پٽ علي بخش کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ڊاڪٽرن کين ويڪسين سان گڏ طبي امداد فراهم ڪري گهر روانو ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي مختيارڪار تعلقو لاڙڪاڻو ۽ ائڊمنسٽريٽر نياز حسين سيال ۽ سيڪريٽري يوسي عاقل رياض حسين ڏيٿو جي اڳواڻيءَ ۾ عملي پاران يونين ڪائونسل عاقل جي ڳوٺن مسوحٻ، جيوڻ ڀٽو، جليل شر ۽ مور چانڊيو ۾ ڪتا مار مهم جي سلسلي ۾ 10 کان وڌيڪ ڪتن کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو جن کي کڏ کوٽي پوريو ويو.

Read Previous

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي سکر طرفان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 14 ھون سالگرھ جو ڪيڪ تاريخي ماڳ سنڌو درياء جي ھنج ۾ ڪٽيو ويو

Read Next

لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر ٿاڻي جي حد مان 36 سالن جي نامعلوم موالي جو لاش هٿ ايڌي سينٽر حوالي

Most Popular