سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي سکر طرفان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 14 ھون سالگرھ جو ڪيڪ تاريخي ماڳ سنڌو درياء جي ھنج ۾ ڪٽيو ويو

سکر( رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي سکر طرفان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 14 ھون سالگرھ جو ڪيڪ تاريخي ماڳ سنڌو درياء جي ھنج ۾ ڪٽيو ويو جنھن ۾ سنڌ بچايو ٻيٽ بچايو جو مزاحمتي آواز بلند ڪيو ويو. ضلعي صدر عيدن جاگيراڻي، سينيئر نائب صدر سراج ڊوگر، نائب صدر فدا حسين سنڌي، پريس سيڪٽري حسيب جوڻيجو، تعلقي اڳواڻ عمران سامٽيو، علي حيدر سنڌي، راجا اڄڻ، ينگ اتحاد جي چيئرمين عبدالحميد شيخ، پيپلز پارٽي جي ڪارڪن نصير گوپانگ، نعيم بلوچ ۽اسرار جوڻيجو، رشيد جوڻيجو ۽ جي ايم ڀٽي شرڪت ڪئي.
لاھور پنجاب کان ٽوئر تي آئل چوڌھري برادري جي ماڻھن اسان سان شامل ٿي ويا پارٽي جا جھنڊا کڻي گڏ بيھي ڦوٽو سيشن ڪرايو، سنڌ ۽ پارٽي لاء نيڪ تمنائن جو اظھار ڪيو.

Read Previous

ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر پنهنجي آفيس جيڪانفرنس روم ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ اقليتن جا مسئلا حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ اعليٰسطحي اجلاس جي صدارت ڪئي

Read Next

لاڙڪاڻي شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو

Most Popular