لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر ٿاڻي جي حد مان 36 سالن جي نامعلوم موالي جو لاش هٿ ايڌي سينٽر حوالي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر ٿاڻي جي حد مان 36 سالن جي نامعلوم موالي جو لاش هٿ ايڌي سينٽر حوالي. رپورٽ موجب شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد علي گوهر آباد پاڙي ۾ 36 سالن جي اڻڄاتل شخص جو لاش ڏسي علائقي واسين حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو، جڏهن ته پوليس ڄاڻايل هنڌ تي پهچي نامعلوم شخص جو لاش کڻائي ايڌي سينٽر حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ايڌي رضاڪارن طرفان سندس وارثن جي ڳولا ڪئي وئي، پر وارثن نه ملڻ جي ڪري ايڌي عملي کيس غسل ڪفن ڏئي مڙھ کي دودائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميه ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان ڪرپشن خلاف عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي عوامي آگاهي لاءِ ڪمشنر آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

Most Popular