لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميه ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان ڪرپشن خلاف عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي عوامي آگاهي لاءِ ڪمشنر آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميه ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان ڪرپشن خلاف عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي عوامي آگاهي لاءِ ڪمشنر آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ايڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو طفيل احمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو عبدالستار ڀٽو، سرڪل آفيسر امان الله راڄپر، اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر لاڙڪاڻو پير محمد شاھ، ارشاد علي مگسي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ريلي ۾ روينيو، اينٽي ڪرپشن، تعليم کاتي جي عملدارن، ملازمن توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 9 ڊسمبر تي هر سال ڪرپشن خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي ته جيئن ڪرپشن ۽ بدعنواني جو خاتمو آڻي سگهجي. هنن وڌيڪ چيو ته ڪرپشن هڪ ناسور، لعنت ۽ ضمير جو موت آهي، ڪرپشن جا اسان جي معاشري تي وڏا ناڪاري اثر پون ٿا، عوام جو وڏو پيسو ۽ قيمتي وقت ضايع ٿيڻ سان گڏ سڪون پڻ تباھ ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته اسان جي اقتصادي ترقي سخت متاثر ٿئي ٿي، ناانصافي وڌي ٿي ۽ ميرٽ جو قتل عام پڻ ٿئي ٿو. هنن چيو ته ڪرپشن ۽ بدعنواني بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ضروري آهي، ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڪرپشن ۽ ناانصافي جو خاتمو ۽ هر ڪم ميرٽ مطابق هلائڻ ضروري آهي، رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي جهنمي آهن، رشوت خوري نااهلي کي مضبوط ڪري ٿي ۽ ميرٽ کي دفنائي ڇڏي ٿي، جڏهن ته هي هڪ سماجي ظلم آهي، جنهن جي سزا هن دنيا ۾ توڙي آخرت ۾ پڻ آهي. هنن چيو ته ڪرپشن جو خاتمو ڪري عوام ۾ وڌندڙ مايوسي ۽ نااميدي کي ختم ڪري قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، ڪير به قانون کان مٿاهون نه آهي، جيڪڏهن ادارن ۾ آفيسرن کان وٺي پٽيوالن تائين ڪو به رشوت وٺي ٿو ته ماڻهو اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ پنهنجيون شڪايتون کڻي اچن ته جيئن انهن جو ازالو ڪري ملوث ڪرپٽ عناصرن خلاف ڪيس داخل ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن. ان موقعي تي ريلي ۾ انيس الرحمنٰ جلباڻي، ممتاز علي سومرو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر ٿاڻي جي حد مان 36 سالن جي نامعلوم موالي جو لاش هٿ ايڌي سينٽر حوالي

Read Next

لاڙڪاڻي : کنڀي گم ڪيل پورهيت انصاف دايو جي ڀينرن طرفان پنهنجي ڀاءُ جي آزادي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular