لاڙڪاڻي : کنڀي گم ڪيل پورهيت انصاف دايو جي ڀينرن طرفان پنهنجي ڀاءُ جي آزادي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) 29 مئي 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان کنڀي گم ڪيل پورهيت انصاف دايو جي ڀينرن طرفان پنهنجي ڀاءُ جي آزادي لاءِ سندس تصويرن وارا بينر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اقصيٰ دايو، افسانه دايو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 29 مئي 2017ع جي ڏينهن اسان جي پورهيت ڀاءُ انصاف دايو کي سندس درزڪي دڪان تان بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته ڀاءُ جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهر ۾ قهرام متل آهي. هنن چيو ته اسان جو ڀاءُ بيگناھ آهي سندس مٿان ڪو ڪيس وغيره پڻ نه آهي پر تنهن باوجود به گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي کيس قيد ۾ رکيو ويو آهي، جنهن جي آزادي لاءِ مسلسل احتجاج ڪري اپيلون ڪري رهيا آهيون، پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هنن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي ڀاءُ انصاف دايو کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميه ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان ڪرپشن خلاف عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي عوامي آگاهي لاءِ ڪمشنر آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

Read Next

مجيداڻا برادري جي نيڪ مرد بخشڻ مجيداڻو جي قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي

Most Popular