مجيداڻا برادري جي نيڪ مرد بخشڻ مجيداڻو جي قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي

مٽياري رپورٽر مجيداڻا برادري جي نيڪ مرد بخشڻ مجيداڻو جي قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ لالو مجيداڻو جي ڳوٺاڻن پاران بااثر جوابدار جي گرفتاري لاءِ مٽياري ڀرسان ڇنڊڻ موري وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ڪندڙ مقتول ڀاءُ مشتاق مجيداڻو، اظهر، سڪندر ۽ الله بچايو مجيداڻو جو چوڻ هو ته هڪ سال اڳ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي اسان جي ڳوٺ ۽ مجيداڻا برادري جو نيڪ مرد بخشڻ کي جوابدارن گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو ڪيس داخل ٿيل آهي پر مٽياري پوليس ڳري رشوت عيوض ڪيس ۾ ڄاڻايل مک ۽ بااثر رضا محمد کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي جنهن سبب هو مختلف نمونن سان اسانکي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دمڪائي رهيو آهي، هنن ايس ايس پي ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته فوري طور جوابدار کي گرفتار ڪري کيس قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي نه ته سان قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻنداسين..

Read Previous

لاڙڪاڻي : کنڀي گم ڪيل پورهيت انصاف دايو جي ڀينرن طرفان پنهنجي ڀاءُ جي آزادي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

لاڙڪاڻو ڊولمينٽ اٿارٽي آل ايمپلائيز طرفان 12 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular