خيرپور : آل سنڌ روينيو اتحاد ۽ ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي ملازمن آفيسن مان قلم ڇڏ هڙتال ڪري ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ ) آل سنڌ روينيو اتحاد ۽ ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي ملازمن آفيسن مان قلم ڇڏ هڙتال ڪري ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن جي اڳواڻي ضلعي صدر نثار احمد سومرو، سکر جو ضلعي صدر امير الدين شيخ، نياز منڱڻيجو، اعجاز علي عباسي، هادي بخش ناريجو، روشن دل، ميونسپل جو سي ايم او ذوالفقار علي ڀٽو، عامر ڦلپوٽو، عبدالرئوف جوڳي، علي افضل قاضي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي مظاهرين ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم تي عمل در آمد ڪرائيندي الجمهور سينٽر ڊاهڻ دوران روينيو ۽ ميونسپل جا عملدار پنهنجا فرض انجام ڏنا، جنهن جي خلاف ڪجهه وڪيلن نيشنل بينڪ چوڪ تي سري عام روينيو جي اعليٰ آفيسرن ۽ ميونسپل عملدارن خلاف ڪريل زبان استعمال ڪئي آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته وڪلين جي ناجائزين جي خلاف پهرين مرحلي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، هنن سنڌ بار ڪائونسل کي اپيل ڪندي چيو ته انتشار ڦهلائيندڙ وڪيلن جي ميمبرشپ خارج ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻو ڊولمينٽ اٿارٽي آل ايمپلائيز طرفان 12 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

سپارڪو ۽ گورنمنٽ آف پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان عالمي خلائي هفتو ملهايو

Most Popular