سپارڪو ۽ گورنمنٽ آف پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان عالمي خلائي هفتو ملهايو

سڪرنڊ ( رپورٽ اڪبرماح) سڪرنڊ جي سوڀ والدين ، استادن ۽ شاگردن ۾ خوشيون خبر موجب سپارڪو ۽ گورنمنٽ آف پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان عالمي خلائي هفتو ملهايو ھو جنهن ۾ شاگردن کي عالمي خلائي ھفتي جي تاريخي پس منظر، خلاء, سيٽلائٽن جي اهميت, استعمال, سيٽلائيٽن جي مختلف قسمن, انهن جي ڪمن ۽ اسان جي روزاني زندگي ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار جي باري ۾ آگاھ ڪرڻ هو جنھن ۾ پوري پاڪستان مان اسڪولن جي چونڊ ڪئي وئي انهن ۾ همدرد ڪيريئر پوائنٽ اسڪول سڪرنڊ کي پڻ شامل ڪيو ويو جتي اسڪول جي استاد ياسين لغاري ڏنل موضوع تي شاگردن کي بهترين سکيا ڏني جنهن بعد مقرر ٿيل ڪاميٽي کي رپورٽ موڪلي وئي پوري پاڪستان مان جن کي سوڀ ملي انهن ۾ سڪرنڊ شھر جو همدرد ڪيريئر پوائنٽ اسڪول به بھترين تعليمي نظام ڏيندڙ اسڪولن ۾ شمار ٿيڻ بعد پوري پاڪستان جي اسڪولن مان 7 پوزيشن حاصل ڪري ورتي پوزيشن ماڻڻ بعد اسڪول جي پرنسپال توصيف رحماني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي فخر آهي پنهنجي اسڪول جي استادن ۽ شاگردن تي جن پاڪستان ۾ اسان جو ڳاٽ اوچو ڪيو جنهن سان نه صرف ڪيريئر پوانٽ اسڪول جي ساراھ ٿي آهي پر سڪرنڊ شهر جي پڻ عزت آهي توصف رحماني اهو به ٻڌايو ته اسان وٽ تعليم سان گڏ و گڏ وٽ غير نصابي سرگرمين توڙي اخلاقي تربيت تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي اهوئي سبب اسان جي ڪاميابيءَ جو پڻ آهي اسڪول انتظاميه پوزيشن ماڻڻ تي اسڪول ٽيم والدين ۽ شاگردن کي مبارڪ باد ڏئي ٿي

Read Previous

خيرپور : آل سنڌ روينيو اتحاد ۽ ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي ملازمن آفيسن مان قلم ڇڏ هڙتال ڪري ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو

Read Next

خيرپور : ڳوٺ وارث ڳنڀير جي رهواسين معذور علاج لاءِ اپيل

Most Popular