خيرپور : ڳوٺ وارث ڳنڀير جي رهواسين معذور علاج لاءِ اپيل

خيرپور (ڊر ) خيرپور ڀرسان ڳوٺ وارث ڳنڀير جي رهواسين معذور پورهيت منير احمد سيلرو، حبيب الله ۽ نظير سيلرو اخبار وارن آڏو دانهيندي ٻڌايو ته خيرپور جي مشهور بلڊر بچل ڦلپوٽو اسان کان زمين خريد ڪري فراڊ ڪيو آهي، هنن ٻڌايو ته منير احمد جي بيمار ٿيڻ سبب ڪجهه عرصو اڳ شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان اسان پنهنجي زرعي زمين 6 جريب 14 ويسا بچل ڦلپوٽو کي وڪرو ڪري ڏني هئي، جنهن مان ڪجهه رقم ايگريمينٽ تي بچل ڦلپوٽو ادا ڪئي، جڏهن ته 6 مهينن بعد منير سيلرو جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي پئي ته بچل ڦلپوٽو کان ايگريمينٽ تحت رهيل 40 لک مان هڪ لک روپيه گهرڻ وياسين ۽ کاتو وٺڻ لاءِ چيو سون ته هن انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري منير احمد سيلرو جو وقت سر علاج نه ٿي سگهيو ۽ منير سيلرو ڄنگهن کان معذور ٿي ويو آهي، هاڻي وري الٽو بچل ڦلپوٽو اسان جا رهيل هڪ ڪروڙ رقم ڦٻائڻ لاءِ الٽو اسان جي مٿان ڪيس داخل ڪرائي پوليس جي مدد سان حراسان ڪري رهيو آهي، معذور پورهيت منير احمد چيو ته بچل ڦلپوٽو ذهني مريض بڻائي مارڻ چاهي ٿو ۽ زمين جا پئسا هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو، هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت گهر ڀاتين سميت سيشن ڪورٽ خيرپور آڏو بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪنداسين.

Read Previous

سپارڪو ۽ گورنمنٽ آف پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان عالمي خلائي هفتو ملهايو

Read Next

چيف سردار آغا علي نواز خان جلباڻي صحافي جاويد لانگاھ سان سندس ڦڦي جي وفات تي تعزيت ڪئي

Most Popular