ڳڙھي خيرو: احساس ڪفالت سينٽر جي ايجنٽ کان نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي 12 لک روڪ رقم موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار، واقعي جي خلاف احتجاجي مظاھرو روڊ بلاڪ

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) تعلقي ڳڙھي خيرو جي ٿاڻي دوداپور جي علائقي ۾ ھلندڙ احساس ڪفالت سينٽر جي ايجنٽ کان ڏينھن ڏٺي جو نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي 12 لک روڪ رقم موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار,واقعي جي خلاف احتجاجي مظاھرو روڊ بلاڪ، تفصيل موجب، دوداپور ۾ احساس ڪفالت سينٽر ھلائندڙ ايجنٽ جميل احمد شاھ کان ٻه نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي 12 لک روڪ رقم موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا, جڏهن ته ڦر جي واقعي تي احساس ڪفالت سينٽر جي انتظاميا جيڪب آباد ڳڙھي خيرو مين روڊ بند ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ٽن ڪلاڪن تائين احتجاج ڪيو جنهن جي ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ پڻ معطل ٿي وئي.مظاھرو ڪندڙن جو چوڻ ھو ته ڏينھن ڏٺي ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آھي ھٿياربند جوابدار بي لغام ٿي ويا آھن جنھن جي ڪري شھرين کان روزانو ڦر ڪري رھيا آھن.مظاھرو ڪندڙن اعلي آفيسرن کان مطالبو ڪيو آھي ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم ۽ تمام شيون واپس ڪيون وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جي دائري کي وڌايو ويندو جنھن کان پوء ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز پنھنجي ٽيم سان گڏ ڌرڻي جي جاء تي پھچي مظاھرو ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري جوبدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏياري جنھن کان پوء مظاھرو ڪندڙن ڌرڻو ختم ڪيو. جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ۽ نه ئي ڪائي گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي


Read Previous

ڪشمور ٽائون جي برطرف ملازمن پاران عوامي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

Read Next

اپوزيشن جي استعيفيٰ جو فائدو حڪومت کي ئي ٿيندو: اعتزاز احسن

Most Popular