ايس يو پي تعلقي قاضي احمد پاران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چوڏھين سالگرھ تقريب

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي ايس يو پي تعلقي قاضي احمد پاران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چوڏھين سالگرھ تقريب نيو سماٽ هوٽل قاضي احمد جي هال ۾ ٿي گذري جنهن کي ضلع صدر ڌڻي بخش ڪلوئي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي نئين جوڙجڪ جو مرحلو چوڏھن سالن کان پارٽي قيادت ء ورڪرن مذاهمت ڪندي پنهنجي ڌرتي جي وسيلن جي مالڪي ء قومي ايڪتا ۾ گذاريا آهن اسان سرخرو آھيون ته اسان وس آھر پنهنجي قومي اعتماد حاصل ڪيو آهي ء پنهنجي قوم کي ان ۾ شامل ڪيو آهي ان محنت کي اسان عبادت سمجهي ڪندا رهنداسون رياض ڪاڪيپوٽو چيو ته اسان جا ورڪر صالح آھن ء انهن جي جدوجهد سان اسان قومي اختيار حاصل ڪري نئين سنڌ قائم ڪنداسون تقريب کي ڪامريڊ ايم بي ڏاهري ساگر نياز لاشاري سائل لاکو الطاف لاکو سينئر صحافي بھاول لاکو خطاب ڪيو انموقعي تي پريس ڪلب قاضي احمد جي جنرل سيڪريٽري صلاح الدين ڪيريو عوامي پريس ڪلب نواب ولي محمد جي جنرل سيڪريٽري ميرخان لاکو صحافي علي حيدر چانڊيو صحافي وحيد چانڊيو سميت فضل محمد گھلو گل حسن لاکو ھارون خاصخيلي محسن راهو مختيار لاکو مير محمد رند راول ملوکاڻي سميت وڏي تعداد ۾ ورڪرن شرڪت ڪئي. آخر ۾ پارٽي جي چوڏهين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

Read Previous

قاضي احمد لڳ ڳوٺ ڏيڙان ڀرسان ٽرڪ ء موٽر سائيڪل جو ٽڪر نتيجي ۾ هڪ فوت،

Read Next

نوشهروفيروز اندر جانورن تي مختلف بيمارين جو حملو، ويڪسين نه ٿيڻ ڪري روڊ رستن تي وڏي تعداد ۾ جانور مئل حالت ۾ پيل

Most Popular