نوشهروفيروز اندر جانورن تي مختلف بيمارين جو حملو، ويڪسين نه ٿيڻ ڪري روڊ رستن تي وڏي تعداد ۾ جانور مئل حالت ۾ پيل

نوشهروفيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) نوشهروفيروز اندر جانورن تي مختلف بيمارين جو حملو، ويڪسين نه ٿيڻ ڪري روڊ رستن تي وڏي تعداد ۾ جانور مئل حالت ۾ پيل، سرڪار پاران ملندڙ دوائون مالوند ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ پرائيويٽ اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ لڳيون، بيمارين سبب وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا. خبر موجب نوشهروفيروز ضلعي اندر لائيو اسٽاڪ کاتي جي نااهلي ۽ ويڪسين نه ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جو لکين رپين چوپايو مال مري رهيو آهي جنهن سبب مالوند سخت پريشان آهن. ڳوٺ دڙي جا ٻوهيو جي رهواسي علي نواز ٻوهيو جون ٻڪريون جڏهن ته طيب ٻوهيو جي ڀلوڙ مينهن مري وئي. ڳوٺ زوار محمد خاصخيلي جي رهواسي گدا حسين خاصخيلي جون 4 ٻڪريون، ڳوٺ راضي خان کوسو جي رهواسي شاهد جي مينهن مري وئي. ان کان علاوه عيدن خاصخيلي، مٺاخان مري، مٺو خاصخيلي جي ڳوٺاڻن جون وڏي تعداد ۾ ٻڪريون ۽ مينهون مري چڪيون آهن. ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته زڪام، ڦڦڙ، وات مهاڙو، پيچش، ٻيڪ ۽ ٻين بيمارين ۽ ويڪسن نه ٿيڻ ڪري مال مري رهيو آهي پر لائيو اسٽاڪ جو اسٽور انچارج انور وسطڙو اڪائونٽنٽ انور راڄپر سان ملي ڀڳت ڪري لکين رپين جون دوائون مالوندن کي ڏيڻ بجاءِ پنهنجي پرائيويٽ اسٽور تي وڪرو ڪري رهيو آهي. هنن نيب، ايف آءِ آءِ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسٽور انچارج انور وسطڙو ۽ اڪائونٽنٽ انور راڄپر جي ڪيل ڪرپشن جي جانچ ڪري مالوند ماڻهن کي دوائون ڏئي سندن وٿاڻ خالي ٿيڻ کان بچايا وڃن.

Read Previous

ايس يو پي تعلقي قاضي احمد پاران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چوڏھين سالگرھ تقريب

Read Next

لاڙڪاڻي : رتوديرو روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت

Most Popular