قاضي احمد لڳ ڳوٺ ڏيڙان ڀرسان ٽرڪ ء موٽر سائيڪل جو ٽڪر نتيجي ۾ هڪ فوت،

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي قاضي احمد لڳ ڳوٺ ڏيڙان ڀرسان ٽرڪ ء موٽر سائيڪل جو ٽڪر نتيجي ۾ هڪ فوت، ٻيو زخمي زخمي کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. تفصيل موجب اڄ صبح سوير قاضي احمد لڳ ڳوٺ ڏيڙان ڀرسان پٿرن سان ڀريل ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي م موٽر سائيڪل سوار ٻه ھمراھ 55 سالا مير ولد غلام حسين ڪلهوڙو موقعي تي فوت جڏھن ته ساڻس گڏ سڄڻ جتوئي زخمي ٿي پيو، جن کي فوري طور قاضي احمد اسپتال پھچايو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو، جڏهن ته زخمي سڄڻ جتوئي کي نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

استعيفيٰ کيسي ۾ هوندي آ، قيادت جي حڪم تي دير نه ڪنداسين: مراد علي شاهه

Read Next

ايس يو پي تعلقي قاضي احمد پاران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چوڏھين سالگرھ تقريب

Most Popular