لاڙڪاڻي : باقراڻي جي ڳوٺ دولت کوکر واسي شاهاڻي ذات جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن طرفان زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ دولت کوکر واسي شاهاڻي ذات جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن طرفان تنظيم اصلاح الفقراءِ حسينيه نقشبنديه جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن سان گڏجي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف شهر جي جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي مظاهرين پاران هٿن ۾ پاڪ ڪتاب ۽ پلي ڪارڊ کڻي پوليس خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن لطيفان خاتون شاهاڻي، مائي وزيران، نظيران خاتون، حنيفان شاهاڻي، علي حسن شاهاڻي، فضل محمد شاهاڻي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ فريد آباد واسي سيال ذات جي ٻن ڳوٺاڻن کان نامعلوم ڦورن ڦر ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ متاثر ڳوٺاڻن ۽ پوليس کوجي ڪتا گهرايا هئا، جيڪي ڪتا اسان جي ڳوٺ ۾ گهر اڳيان اچي ويهي رهيا، جنهن تي ڊي ايس پي باقراڻي خليل مسڻ ۽ ايس ايڇ او باقراڻي منور خاصخيلي اسان جي پورهيت نوجوان عامر علي شاهاڻي کي شڪ جي بنياد تي ٿاڻي تي وٺي ويا، نوجوان جي گرفتاري کان پوءِ اسان ڳوٺ جي معزز ماڻهن سميت نياڻين کي ساڻ ڪري متاثر ڳوٺاڻن ڏانهن لنگهي وياسين ۽ کين خاطري ڪرائي ته توهان ڦر جي جاچ ڪرايو جيڪڏهن اسان جو نوجوان 5 سالن کان پوءِ به ڏوهي نڪتو ته اسان توهان کي ٻيڻ تي ڏنڍ ڀري ڏينداسين، اهڙي خاطري کان پوءِ متاثر ڳوٺاڻن اسان کي بخش ڪري ڇڏيو. هنن الزام لڳايو ته 3 ڏينهن اڳ رات جي وقت رتوديرو ٿاڻي جي پوليس بيگناھ اسان جي نوجوان پورهيت عامر علي شاهاڻي کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ گولي هڻي زخمي ڪري سندس مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي معاملي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻو :ؒ هيومن رائيٽس ڏينهن جي موقعي تي سماجي تنظيم پاڪستان پيٽرياٽڪ مومينٽ زندھ آباد آرگنائيزيشن طرفان ڪشميري عوام توڙي پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي

Read Next

سڪرنڊ: اصغريہ علم وعمل تحريڪ پاڪستان يونٽ سڪرنڊ جي نئين مير ڪاروان جي چونڊ جي لاء ھڪ اھم اجلاس

Most Popular