لاڙڪاڻو :ؒ هيومن رائيٽس ڏينهن جي موقعي تي سماجي تنظيم پاڪستان پيٽرياٽڪ مومينٽ زندھ آباد آرگنائيزيشن طرفان ڪشميري عوام توڙي پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ ڪالھ 10 ڊسمبر هيومن رائيٽس ڏينهن جي موقعي تي سماجي تنظيم پاڪستان پيٽرياٽڪ مومينٽ زندھ آباد آرگنائيزيشن طرفان ڪشميري عوام توڙي پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي طور شهر جي قائم شاھ بخاري روڊ وٽان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي، جتي پي پي ايم زيڊ جي اڳواڻن پاران هٿن ۾ قومي پرچم ۽ بينر کڻي ڪشميري عوام جي حق ۾ نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي تنظيم جي مرڪزي چيئرمين لياقت ابڙو، سينئر نائب صدر يونس علي ابڙو، نظر حسين، راجا منير جتوئي، ايڊووڪيٽ طارق نعيم اعواڻ، نواب علي ابڙو، عظمت الله، غلام مجتبيٰ جتوئي، عابد علي، بشير انصاري، مير مرتضيٰ عباسي، اياز کوسو، ڊاڪٽر عرفان جاگيراڻي، ڊاڪٽر احسان راهوجو، ذيشان کوکر، سجاد حسين ابڙو، بدر علي جمالي، عامر علي سولنگي، نعيم علي ابڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگرد ملڪ ڀارت جي فوج مظلوم ڪشميرين مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي، جڏهن ته انڊيا پاران گذريل ڪيترئي عرصي کان وٺي ڪشمير ۾ ظلم هلندڙ آهي، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته ڪشمير مسئلي تي پاڪ فوج جو سپھ سالار قمر جاويد باجوه توڙي سمورا جوان سنجيدا آهن، پاڪستان جو عوام پنهنجي افواج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، جڏهن ته ڪنهن به صورت ۾ ڪشميري ڀائرن، ڀينرن، مائرن، بزرگن ۽ ٻارڙن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ انشاءِ الله تعاليٰ هڪ ڏينهن ڪشمير ضرور ٿيندو پاڪستان. هنن چيو ته اسان اقوام متحده سميت انساني حقن واري عالمي تنظيمن کان گهر ٿا ڪريون ته ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺي دهشتگرد ملڪ انڊيا خلاف ڪاروائي ڪري ڪشميري عوام سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻي : رتوديرو روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت

Read Next

لاڙڪاڻي : باقراڻي جي ڳوٺ دولت کوکر واسي شاهاڻي ذات جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن طرفان زيادتين خلاف احتجاج

Most Popular